آر ايل اين جي جا ڪنيڪشن سڄي ملڪ ۾ لڳايا پيا وڃن، بل سوئي گيس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھوندو: پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير

اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آھي ته سڄي ملڪ ۾ آر ايل اين جي جا ڪنيڪشن وزيراعظم جي ھدايت تي لڳايا پيا وڃن جڏھن ته صارفين اھا ڳالھه نظر ۾ رکن ته ان جو بل سوئي گيس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھوندو. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ميان خان بگٽي ٻڌايو ته آر ايل اين …

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آھي ته سڄي ملڪ ۾ آر ايل اين جي جا ڪنيڪشن وزيراعظم جي ھدايت تي لڳايا پيا وڃن جڏھن ته صارفين اھا ڳالھه نظر ۾ رکن ته ان جو بل سوئي گيس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھوندو. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ميان خان بگٽي ٻڌايو ته آر ايل اين جي، جي ڪنڪشنن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ٻه لک 50 ھزار کان وڌيڪ درخواستون اڳ ئي جمع آھن انھن کي ترجيح ۾ رکنداسين، ان جي مڪمل ٿيڻ بعد وري نين درخواستن تي ڪم ٿيندو. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ٻڌايو ته آر ايل اين جي، جا ڪنيڪشن سڄي پاڪستان ۾ لڳايا پيا وڃن ۽ عوام سياري ۾ ان جي استعمال ۾ احتياط ڪري.

مزید خبریں