اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 19 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ضلعي انتظاميه طرفان جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ضلعي انتظاميه ڊينگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، ڊينگي جي روڪٿام واري مهم جي ڪارڪردگي بابت روزانو جي سرويلينس رپورٽ پيش ڪئي، ڊينگي لاروا جي واڌ ويجهه روڪڻ لاءِ شهر جي حساس علائقن …
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 19 نوان ڪيس رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 19 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ضلعي انتظاميه طرفان جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ضلعي انتظاميه ڊينگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، ڊينگي جي روڪٿام واري مهم جي ڪارڪردگي بابت روزانو جي سرويلينس رپورٽ پيش ڪئي، ڊينگي لاروا جي واڌ ويجهه روڪڻ لاءِ شهر جي حساس علائقن ۾ 887 هنڌن تي فوگنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي شهر جي مختلف حصن ۾ 43 هزار 107 انسپيڪشن مڪمل ڪئي وئي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 نوان ڊينگي ڪيسز رپورٽ ٿيا، لاروا جي چيڪنگ دوران 251 پازيٽو هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي، 15 ڪيس ٻهراڙي وارن علائقن جڏهن ته 4 ڪيس شهري علائقن ۾ سامهون آيا آهن. وفاقي گادي واري شهر جي مختلف اسپتالن ۾ هن وقت 48 مريض علاج هيٺ آهن. ڊينگي ٽيمن طرفان مختلف سيڪٽرز ۽ يونين ڪائونسلز ۾ 278 هنڌن تي اسپري ڪيو ويو.











