وزيراعظم پاران ايران سان ٻطرفي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار

  اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران سان ٻطرفي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ علائقائي تعاون تي يقين رکن ٿا ۽ مسلم امت جي اتحاد ۽ ٻڌي لاءِ گڏيل عزم رکن ٿا. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف هڪ وفد سان گڏ جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم محمد …





 
اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران سان ٻطرفي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ علائقائي تعاون تي يقين رکن ٿا ۽ مسلم امت جي اتحاد ۽ ٻڌي لاءِ گڏيل عزم رکن ٿا. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف هڪ وفد سان گڏ جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ايران سان ڀائراڻن گڏيل لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مسئلن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جهڙن پُرامن طريقن تي ٻنهي مُڪلن جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ صدر مسعود پزشڪيان جي لاءِ عزت ۽ احترام ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام ڏنا. وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ رياستي دهشتگردي ۽ خودمختيار ملڪن خلاف بي سبب حملن جي سخت مذمت ڪن ٿا، بدقسمتي سان پاڪستان ۽ ايران دهشتگردي جو شڪار رهيا آهن، ٻئي ملڪ سڄي دنيا لاءِ امن، خوشحالي ۽ علائقائي تعاون جا علمبردار آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران مسلم امت جي اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ گڏيل عزم رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايران سان باهمي مفاد جي مختلف شعبن، خاص طور تي اقتصادي تعاون ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر وزيراعظم، حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام جو تازو ايران-اسرائيل جنگ ۾ ڀرپُور تعاون ۽ حمايت تي دل سان ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايراني عوام ايران-اسرائيل جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت کي تمام گهڻو ساراهين ٿا، پاڪستان ۽ ايران عالمي امن ۽ مسلم امت جي اتحاد تي يقين رکن ٿا. ايراني اسپيڪر پاڪستاني پارليامينٽ سان مثبت تعاون کي ساراهيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جا خاص طور ٿي ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان سان معيشت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ايران جي عزم جو اظهار ڪيو. ايراني اسپيڪر وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاران خيرسگالي جو اظهار پُڻ ڪيو. هن پاڪستان جي دوري دوران مهمان نوازي تي پُڻ خاص طور تي ٿورا مڃيا. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خاص نمائندو سيد طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.
 
مزید خبریں