وزيراعظم پاران مٽاسٽا جا ناڻي جا ذخيرا 3.4 ارب ڊالر جي حد پار ڪرڻ تي پرڏيهي پاڪستانين جا ٿورا ادا

اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آڪٽوبر ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 11.9 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 3.4 ارب ڊالر جي حد پار ڪرڻ تي پرڏيهي پاڪستانين جا ٿورا مڃيا آهن. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ مُسلسل اضافو حڪومت جي پاليسين تي پرڏيهي پاڪستانين جي اعتماد جو عڪاس آهي، …





اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آڪٽوبر ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 11.9 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 3.4 ارب ڊالر جي حد پار ڪرڻ تي پرڏيهي پاڪستانين جا ٿورا مڃيا آهن. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ مُسلسل اضافو حڪومت جي پاليسين تي پرڏيهي پاڪستانين جي اعتماد جو عڪاس آهي، پرڏيهي پاڪستاني پنهنجي محنت جي ڪمائي سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ مصروف آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن.
مزید خبریں