وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو

  اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعي ڏينهن آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو جتي هو ملڪ جي فتح جي ڏهاڙي جي پنجين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم سان گڏ آهي. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي …





 

اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعي ڏينهن آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو جتي هو ملڪ جي فتح جي ڏهاڙي جي پنجين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم سان گڏ آهي. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، تعليم ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نوان رستا ڳولي سگهجن. پاڪستان ۽ آذربائيجان جا پُراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جو علائقائي ۽ عالمي فورمن جهڙوڪ اسلامي تعاون جي تنظيم (او آءِ سي)، اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او)، ۽ گڏيل قومن (يو اين) ۾ ويجهو تعاون آهي.

مزید خبریں