وزيراعظم دورو دوران آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان مُلاقات ڪندو: پرڏيهي آفيس

  اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ فتح جي ڏهاڙي جي پنجين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران، وزيراعظم شهباز شريف "فتح جي ڏهاڙي" جي سرڪاري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ …





 
اسلام آباد-7 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ فتح جي ڏهاڙي جي پنجين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران، وزيراعظم شهباز شريف "فتح جي ڏهاڙي" جي سرڪاري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو. ڳالهين ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رُخن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، تعليم ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پُراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جِن جُون پاڙُون گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد ۾ کُتل آهن. ٻنهي ملڪن جو علائقائي ۽ بين الاقوامي فورمن جهڙوڪ اسلامي تعاون تنظيم، اقتصادي تعاون تنظيم ۽ گڏيل قومن ۾ ويجهو تعاون برقرار آهي. بيان موجب وزيراعظم جو دورو آذربائيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مُڪمل حمايت ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجائيندو.
 
مزید خبریں