گڏيل قومون-07 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل شام جي صدر احمد الشرع ۽ گهرو وزير انس حسن خطاب جا نالا عالمي پابندين جي فهرست مان خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو فيصلو آمريڪي قرارداد جي حق ۾ ٿيل ووٽنگ بعد سامهون آيو جنهن جي حق ۾ سلامتي ڪائونسل جي 14 ميمبرن ووٽ ڏنا جڏهن ته چين راءِ شماري ۾ حصو …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران شام جي صدر ۽ پرڏيهي وزير جا نالا عالمي پابندين جي لسٽ مان خارج ڪرڻ جو فيصلو
گڏيل قومون-07 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل شام جي صدر احمد الشرع ۽ گهرو وزير انس حسن خطاب جا نالا عالمي پابندين جي فهرست مان خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو فيصلو آمريڪي قرارداد جي حق ۾ ٿيل ووٽنگ بعد سامهون آيو جنهن جي حق ۾ سلامتي ڪائونسل جي 14 ميمبرن ووٽ ڏنا جڏهن ته چين راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته احمد الشرع ۽گهرو وزيرانس حسن خطاب جا نالا انهن ماڻهن ۽ گروپن جي فهرست مان خارج ڪيا ويا آهن جيڪي داعش ۽ القاعده سان لاڳاپيل قرار ڏنا ويا هئا . اها اڳڀرائي اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن صدر احمد الشرع ايندڙ هفتي آمريڪا جو دورو ڪرڻ وارو آهي . برازيل ۾ موسمياتي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي احمد الشرع چيو ته شام سمورين چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي طرف وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو . هن چيو ته شام جي حڪومتي حڪمت عملي ملڪ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل تي آهي ۽ اهو ته دمشق عالمي معاهدن ۽ پائيدار ترقي جي هدف لاءِ پرعزم آهي. شام جي اطلاعات واري وزير حمزه مصطفيٰ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ايڪس “ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سلامتي ڪائونسل صدر مملڪت ۽ گهرو وزير جا نالا پابندين جي فهرست مان ڪڍڻ جي قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي . سندس چوڻ هو ته اهو فيصلو شام جي سفارتڪاري جي ڪاميابين ۾ نئون اضافو آهي. واضع رهي ته آمريڪا تازوئي هڪ قراداد پيش ڪئي هئي جنهن ۾ صدر احمد الشرع تي لاڳو پابنديون هٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي . انهي تحت گهرو وزيرانس خطاب جو نالو به فهرست مان خارج ڪيو ويو آهي.











