ڀارتي گادي واري شهر نئين دهلي جي هوائي اڏي تي فني خرابي سبب اڏامن جي اچ وڃ متاثر

نئين دهلي-07 نومبر (اي پي پي) ڀارت ۾ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول (اي ٽي سي ) سسٽم ۾ فني خرابي سبب جمعي ڏينهن صبح جو گادي واري شهر نئين دهلي جي اندرا گانڌي انٽر نيشنل ايئر پورٽ (آئي جي آئي اي ) تي ڪيترين اڏامن جي اچ وڃ متاثر ٿي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق دهلي انٽر نيشنل ايئر پورٽ لميٽيڊ (ڊائل ) جا فني ماهر مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ …

نئين دهلي-07 نومبر (اي پي پي) ڀارت ۾ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول (اي ٽي سي ) سسٽم ۾ فني خرابي سبب جمعي ڏينهن صبح جو گادي واري شهر نئين دهلي جي اندرا گانڌي انٽر نيشنل ايئر پورٽ (آئي جي آئي اي ) تي ڪيترين اڏامن جي اچ وڃ متاثر ٿي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق دهلي انٽر نيشنل ايئر پورٽ لميٽيڊ (ڊائل ) جا فني ماهر مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مصروف آهن ، پر اهو واضع ناهي ٿي سگهيو ته اڏامون ڪڏهن بحال ٿينديون . ايئر پورٽ انتظاميه طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته  ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سسٽم ۾ فني مسئلي سبب اندراگاندي انٽر نيشنل ايئر پورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ ۾ دير  ٿي رهي آهي . اسان جي ٽيم ڊائل سميت سمورين ڌرين سان گڏجي مسئلو جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي . مسافرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ايئر لائنز سان اڏامن جي تازي شيڊول بابت رابطي ۾ رهن . ڪيترين نجي ايئر لائنز به پنهنجي مسافرن کي مشورو ڏنو آهي ته هو اڏامن بابت تازي معلومات لاءِ رابطي ۾ رهن.