افغان عورتن تي تعليمي، طبي ۽ سماجي پابنديون برقرار: يوناما جي ٽه ماهي رپورٽ جاري

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) افغانستان ۾ طالبان حڪومت ۾ انساني حقن خاص ڪري عورتن جي حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن. تفصيل موجب افغان عورتن جي حالتن تي گڏيل قومن افغانستان امدادي مشن (يوناما) جي ٽه ماهي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٽه ماهي رپورٽ (جولائي کان سيپٽمبر) ۾ افغانستان ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين، خاص طور تي عورتن تي ظلمن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، رپورٽ …

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) افغانستان ۾ طالبان حڪومت ۾ انساني حقن خاص ڪري عورتن جي حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن. تفصيل موجب افغان عورتن جي حالتن تي گڏيل قومن افغانستان امدادي مشن (يوناما) جي ٽه ماهي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٽه ماهي رپورٽ (جولائي کان سيپٽمبر) ۾ افغانستان ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين، خاص طور تي عورتن تي ظلمن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب افغان طالبان عورتن تي سفري، تعليمي ۽ روزگار جون پابنديون اڃان به لاڳو ڪري رکيون آهن، 2023ع ۾ لاڳو افغان عورتن تي گڏيل قومن جي آفيس ۾ داخلا جي پابندي اڃان برقرار آهي. 2022ع کان افعان عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين تي تعليمي پابندي برقرار، ڪيترن ئي صوبن ۾ مدرسن تائين تعليم بند آهي، بدخشان جي ڪيترن ئي ضلعن، پڪتيڪا ۽ ڪابل جا ڪيترائي مدرسا جديد ۽ حاضر دور جا مضمون پڙهائڻ تي بند ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغان طالبان طرفان2024ع ۾ لاڳو ميڊيڪل ۽ ڊينٽسٽري تعليم مڪمل طور تي معطل، پابندي بدستور لاڳو آهي، ڪيترن ئي صوبن ۽ ضلعن ۾ عورتن کي علاج لاءِ مرد طبي عملي وٽ وڃڻ لاءِ محرم جو شرط لاڳو آهي. معمولي ڳالهه تي 456 بنا جواز گرفتاريون ۽ 44 اڻوڻندڙ سلوڪ جا واقعا ٽه ماهي رپورٽ ۾ شايع ٿيا آهن. عالمي برادري کي افغان عورتن جي حالتن تي نه رڳو فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي پر ان جي ازالي لاءِ مناسب قدم به کڻڻا پوندا.

مزید خبریں