غزه ۾ استحڪام لاءِ عالمي فورس تمام جلد مقرر ڪيو ويندو: آمريڪي صدر

واشنگٽن-07 نومبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزه ۾ استحڪام لاءِ عالمي فورس تمام جلد مقرر ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن ۾ گذريل رات وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان آجياڻي دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اها مقرري تمام جلد ٿيڻ واري آهي ۽ غزه ۾ حالتون اطمينان بخش آهن. هن چيو ته غزه ۾ وڌيڪ مسئلا پيش ناهن آيا ۽ جيڪڏهن فلسطين جي عسڪري …

واشنگٽن-07 نومبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزه ۾ استحڪام لاءِ عالمي فورس تمام جلد مقرر ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن ۾ گذريل رات وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان آجياڻي دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اها مقرري تمام جلد ٿيڻ واري آهي ۽ غزه ۾ حالتون اطمينان بخش آهن. هن چيو ته غزه ۾ وڌيڪ مسئلا پيش ناهن آيا ۽ جيڪڏهن فلسطين جي عسڪري تنظيم سان ڪا نئين مشڪل پيدا ٿي ته ڪيترن ئي ملڪن مدد جي آڇ ڪئي آهي. گڏ ئي آمريڪي صدر فلسطين جي عسڪري تنظيم کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تنظيم دانشمندي کان ڪم نه ورتو ته ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد جو مسودو پيش ڪيو جنهن جو مقصد ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي جي حمايت ۽ عالمي فورس جي مقرري لاءِ منظوري حاصل ڪرڻ آهي. آمريڪي مشن جي ترجمان موجب گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير مائيڪ والٽز اهو مسودو سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊيل ميمبر ملڪن کانسواءِ خطي جي ڪيترن ئي اهم حصيدارن سعودي عرب، مصر، قطر، متحده عرب امارات ۽ ترڪيه جي سامهون پيش ڪيو، تنهن هوندي به اڃان ان تي راءِ شماري جي تاريخ مقرر ناهي ڪئي وئي.