اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پاڪ افغان سرحد تي فائربندي جي خلاف ورزي جي حوالي سان افغانستان جي دعويٰ رد

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪ افغان سرحد تي فائربندي جي خلاف ورزي جي حوالي سان افغانستان جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته فائرنگ افغانستان طرفان شروع ٿي جنهن جو سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ ذميواراڻي انداز ۾ جواب ڏنو. صورتحال ضابطي ۾ ۽ جنگبندي برقرار آهي. پاڪ افغان سرحد تي فائربندي جي خلاف ورزي جي حوالي سان سوشل ميڊيا ايڪس …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪ افغان سرحد تي فائربندي جي خلاف ورزي جي حوالي سان افغانستان جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته فائرنگ افغانستان طرفان شروع ٿي جنهن جو سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ ذميواراڻي انداز ۾ جواب ڏنو. صورتحال ضابطي ۾ ۽ جنگبندي برقرار آهي. پاڪ افغان سرحد تي فائربندي جي خلاف ورزي جي حوالي سان سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو آهي ته چمن بارڊر تي افغانستان مان ڪجهه عنصرن پاڪستاني پوسٽن تي اشتعال انگيز فائرنگ ڪئي. سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ موثر ردعمل ڏيندي فائرنگ جو ذميواراڻي طريقي سان جواب ڏنو. پاڪستان، افغانستان پاران ان واقعي بابت دعويٰ کي رد ڪري ٿو. اطلاعات واري وزارت چيو ته فائرنگ افغانستان طرفان شروع ٿي جنهن جو سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ ذميواراڻي انداز ۾ جواب ڏنو، پاڪستاني فورسز جي ذميواراڻي ڪارروائي سان صورتحال تي ضابطو آندو ويو. اطلاعات واري وزارت چيو ته جنگبندي برقرار آهي، پاڪستان جاري ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پرعزم آهي ۽ افغان عملدارن کان گڏيل تعاون جي اميد رکي ٿو.

مزید خبریں