پاڪستان پاران بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين جي آجيان

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سکن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ قيام دوران سک ياترين جي سهولت لاءِ وڏي پئماني تي انتظام ڪيا ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بابا …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سکن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ قيام دوران سک ياترين جي سهولت لاءِ وڏي پئماني تي انتظام ڪيا ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بابا گرو نانڪ جو محبت ۽ هم آهنگي جو پيغام آفاقي ۽ لازوال آهي، اهي تعليمات مذهبن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي ڪوششن کي سگهه ڏين ٿيون.

مزید خبریں