اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي اعليٰ سطحي وفد نئين چونڊيل چيئرمين ڊاڪٽر طاهر اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ فنانس ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ صنعت جي روانگي واپار جي ڪارڪردگي، حڪومت جي سڌاره جاتي قدمن ۽ پاڪستان کي عالمي فارماسيوٽيڪل مارڪيٽ ۾ هڪ اهم رانديگر بڻائڻ لاءِ مستقبل جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ …
ناڻي واري وفاقي وزير سان پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي اعليٰ سطحي وفد نئين چونڊيل چيئرمين ڊاڪٽر طاهر اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ فنانس ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ صنعت جي روانگي واپار جي ڪارڪردگي، حڪومت جي سڌاره جاتي قدمن ۽ پاڪستان کي عالمي فارماسيوٽيڪل مارڪيٽ ۾ هڪ اهم رانديگر بڻائڻ لاءِ مستقبل جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ناڻي واري وزير سان فارم ايڪس پاڪستان جي قيام تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو ايندڙ 3 سالن ۾ دواسازيءَ جي روانگي واپار ۾ 3 ارب آمريڪي ڊالر ۽ ان کانپوءِ جي 5 سالن ۾ 10 ارب آمريڪي ڊالر حاصل ڪرڻ جي منصوبا بندي ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ هڪ وقف فارماسيوٽيڪل ايڪسپورٽ پليٽ فارم آهي. پي پي ايم اي جي وفد ٻُڌايو ته دواسازيءَ جي روانگي واپار ۾ سال بسال رڪارڊ 34 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا معاشي ڏُکيائين باوجود مقامي صنعت جي لچڪ، صلاحيت ۽ جدت کي ظاهر ڪري ٿي. وفد حڪومت جي ريگيوليٽري گيلوٽين قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن بيورو ڪريٽڪ رڪاوٽن کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. پي پي ايم اي پرائيويٽ سيڪٽر جي سربراهيءَ ۾ ٽڊاپ ۽ ڊريپ سان گڏجي صحت، واپار ۽ ناڻي جي وزارتن جي گڏيل نمائندي جي اداري طور تي فارم ايڪس پاڪستان جي قيام جي اهميت تي زور ڀريو. تجويز ڪيل اداره جاتي سهولت، مارڪيٽ ۾ جدت، عالمي سرٽيفڪيشن سپورٽ ۽ عالمي سهڪار ذريعي دواسازيءَ جي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هڪ ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندو. وفاقي وزير صنعت جي شاندار ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي چيو ته عالمي دواسازي جي اؤسر واري شرح سراسري طور 5 سيڪڙو جي ويجهو آهي جڏهن ته پاڪستان جي 18 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ غير معمولي روانگي واپار جي اؤسر جي شرح 34 سيڪڙو آهي. اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي چٽاڀيٽي واري ماحول ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي غير معمولي آهي. هن چيو ته جيئن جيئن ميڪرو اڪنامڪ حالتون مستحڪم ٿي رهيون آهن، صنعت جا امڪان وڌيڪ بهتر ٿيندا. ناڻي واري وزير فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جي توسيعي منصوبن لاءِ حڪومت جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۽ چٽاڀيٽي کي بهتر بڻائڻ ۾ پي پي ايم اي جي فعال شموليت کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت جي وسيع تر اقتصادي حڪمت عملي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي ٻَڌل آهي. سينيٽر اورنگزيب خاطري ڪرائي ته ناڻي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن سان گڏجي مالياتي ۽ ريگيوليٽري چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ جٽادار روانگي واپار کي ترقيءَ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ان شعبي کي سهولت فراهم ڪندي رهندي.











