پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بهترين سياسي ناتا آهن، وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ويجهڙ ۾ صحيح ٿيل پاڪستان- برطانيه واپاري ڊائلاگ مڪينزم تحت پاڪستان- برطانيه اقتصادي تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ برطانيه جي واپاري پاليسي بابت مملڪتي وزير ڪرس برائنٽ سان هڪ لاڀائتي ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير احسن اقبال ۽ برطانيه جي وزير ڪرس برائنٽ جي ملاقات ۾ ان ڳالهه …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ويجهڙ ۾ صحيح ٿيل پاڪستان- برطانيه واپاري ڊائلاگ مڪينزم تحت پاڪستان- برطانيه اقتصادي تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ برطانيه جي واپاري پاليسي بابت مملڪتي وزير ڪرس برائنٽ سان هڪ لاڀائتي ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير احسن اقبال ۽ برطانيه جي وزير ڪرس برائنٽ جي ملاقات ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ هڪ گهرو ۽ تاريخي رشتو آهي جنهن جون پاڙون پُراڻن ثقافتي ناتن ۽ عوام جو  عوام سان مضبوط رابطن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بهترين سياسي لاڳاپا آهن پر وقت اچي ويو آهي ته هاڻ معاشي محاذ تي ان طاقت کي هموار ڪيو وڃي، اسان جو مقصد خيرسگالي کي ترقيءَ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان ڳالهه کي اجاگر ڪندي ته ٻه طرفو واپار هن وقت 5.5 بلين پائونڊ آهي. وفاقي وزير واپاري ڳاڻيٽي کي نمايان طور وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. احسن اقبال ترجيحي شعبن کي حل ڪرڻ ۽ واپاري موقعن کي کولڻ لاءِ واپاري ڊائلاگ مڪينزم تحت قائم ڪيل 3 ورڪنگ گروپس کي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو، اسان دير برداشت نٿا ڪري سگهون. ورڪنگ گروپس کي فوري طور فعال ٿيڻ کپي ته جيئن اسان جي ايندڙ وزارتي ميٽنگ ٺوس ۽ قابل نتيجا فراهم ڪري. وزير ڪرس برائنٽ جولاءِ 2025ع ۾ صحيح ڪيل واپاري ڳالهين جي طريقيڪار جي اهميت کي تسليم ڪيو جيڪو ساليانو وزارتي مصروفيتون فراهم ڪري ٿو ۽ ڪم ڪندڙ گروپن کي 6 مهينن اندر فعال ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايس پي ايس قدم ۽ ٽيرف بابت فني ڳالهيون ضروري آهن ۽ عملي حل تيار ڪرڻ لاءِ موضوع جي ماهرن جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستان جي وسيع تر اقتصادي رُخ جي باري م پُڇيل سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال معيشت جي استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ گذريل 3 سالن ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن بابت ٻُڌايو. هن چيو ته پاڪستان هاڻوڪن سالن جي معاشي بدحالي کي تبديل ڪري رکي ڇڏيو، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، ترقيءَ جي رفتار بحال ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان ڪاروبار لاءِ کُليل آهي جيئن اڳ ڪڏهن به نه هو. هن وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي علائقائي سيڙپڪاري جي مرڪز طور پوزيشن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان پاڻ کي هڪ علائقائي سيڙپڪاريءَ جي مرڪز طور بيهاريو آهي، هڪ اهڙو ملڪ جتي سيڙپڪار استحڪام، موقعا ۽ ڊگهي مُدي وارا قدر ڏسن ٿا. وفاقي وزير آءِ ٽي، انساني وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي مضبوط صلاحيت تي زور ڀريو جنهن ۾ فني ۽ سائنسي شعبن ۾ پاڪ- برطانيه جي تعاون جي ڪيترن ئي رستن جي نشاندهي ڪئي وئي. احسن اقبال چيو ته اڄ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو ان جا نوجوان آهن جيڪي انتهائي هنرمند ٽيڪ ٽيلنٽ آهن. هن پرائيويٽ سيڪٽر پارٽنرشپ کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪاروباري فورمز تي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي وڌيڪ زور ڀريو. ٻنهي ڌُرين فيشن ۽ ڊزائين، موسيقي ۽ آرٽس ۽ سياحت سميت ثقافتي سهڪار کي وڌائڻ جي شديد خواهش جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جا ثقافتي رشتا هڪ زندهه پُل آهن. 

مزید خبریں