حڪومت فٽبال سميت سمورين راندين ۾ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف جي فيفا جي سينيئر نائب صدر شيخ سلمان ابراهيم حماد الخليفه سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشيا ۾ فٽبال جي ترقي جي لاءِ شيخ سلمان ابراهيم حماد الخليفه جي قيادت ۾ ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت فٽبال سميت سمورين راندين ۾ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن جي صدر ۽ …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشيا ۾ فٽبال جي ترقي جي لاءِ شيخ سلمان ابراهيم حماد الخليفه جي قيادت ۾ ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت فٽبال سميت سمورين راندين ۾ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن جي صدر ۽ فيفا جي سينيئر نائب صدر شيخ سلمان ابراهيم حماد الخليفه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اي ايف سي جي صدر جي آجيان ڪندي ايشيا ۾ فٽبال جي ترقي جي لاءِ شيخ سلمان ابراهيم حماد الخليفه جي قيادت ۾ اي ايف سي جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم حڪومت جي ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن تي روشني وجهندي چيو ته حڪومت فٽبال سميت سمورين راندين ۾ نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ فٽبال جي ترقي، ان کي خطي ۾ فٽبال جي راند جي حوالي سان هڪ اهم مرڪز ۽ هڪ خودمختيار ۽ ميرٽ تي ٻڌل فٽبال فيڊريشن قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ فٽبال جي ترقي، ڪوچز ۽ ريفريز جي فراهمي، اسٽيڊيميز، قومي تربيتي مرڪز ۽ ٽيلينٽ پاٿ ويز قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ اي ايف سي جي تعاون ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ اي ايف سي جي ميچز جي ميزباني جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. شيخ سلمان ابراهيم حماد الخليفه پنهنجي بي مثال ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ فٽبال جي ترقي جي لاءِ اي ايف سي جي تعاون جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں