اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ، پاڪستان مسلم ليگ ضياءَ جي قومي اسيمبلي ميمبر اعجازالحق، نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان ۽ سينيٽر عمر فاروق جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس …
وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير خالد حسين مگسي سميت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جون ملاقاتون

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ، پاڪستان مسلم ليگ ضياءَ جي قومي اسيمبلي ميمبر اعجازالحق، نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان ۽ سينيٽر عمر فاروق جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقاتن ۾ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم تي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.











