دوحه - 06 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا ان وقت بدلجندي آهي جڏهن عورتون ان کي بدلائڻ جو حوصلو رکنديون آهن، اسان کي انهن بهادر عورتن جي نقش قدم تي هلڻو آهي جن تاريخ لکي ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر مستقبل تعمير ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي بااختياري جي لاءِ ”پرنسس صبيحه بنت ابراهيم الخليفه …
دنيا ان وقت بدلجندي آهي جڏهن عورتون ان کي بدلائڻ جو حوصلو رکنديون آهن: خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري

مزید خبریں
دوحه – 06 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا ان وقت بدلجندي آهي جڏهن عورتون ان کي بدلائڻ جو حوصلو رکنديون آهن، اسان کي انهن بهادر عورتن جي نقش قدم تي هلڻو آهي جن تاريخ لکي ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر مستقبل تعمير ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي بااختياري جي لاءِ ”پرنسس صبيحه بنت ابراهيم الخليفه گلوبل ايوارڊ“ جي ٽئين تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها تقريب گڏيل قومن جي عورتن بابت اداري ۽ بحرين جي عورتن بابت سپريم ڪائونسل جي حصيداري سان قطر نيشنل ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ايوارڊ جي ويزن کي ساراهيندي بحرين جي عورتن جي حقن جي فروغ ۾ قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن مادر ملت محترمه فاطمه جناح ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي عورتن جي قيادت تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم، هنرمندي، معاشي شموليت ۽ ڊيجيٽل بااختياري جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عورتن جي حقن بابت عالمي معاهدن بشمول سي اي ڊي اي ڊبليو، بيجنگ ڊيڪلريشن ۽ 2030ع پائيدار ترقياتي هدفن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. خاتون اول بحرين جي عورتن بابت سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل، گڏيل قومن جي عرب رياستن بابت علائقائي ڊائريڪٽر معيذ دوريد ۽ گڏيل عرب امارات جي جنرل ويمنز يونين جي سيڪريٽري جنرل نوره خليفه السويدي سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ علائقائي تعاون جي فروغ، اداراجاتي حصيداري جي استحڪام ۽ عورتن جي معاشي ۽ سياسي شموليت جا موقعا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن بحرين ۽ گڏيل قومن جي عورتن واري اداري جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان عورتن جي ترقي ۽ بااختياري جي لاءِ عالمي حصيدارن سان تعاون جاري رکندو.











