بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان فيفا ۽ اي ايف سي جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف فيفا ۽ اي ايف سي سان ايندڙ گڏيل منصوبن جي آجيان ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت فٽبال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. بچاءُ واري وزارت مان جاري بيان موجب ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن ۽ فيفا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد خواجه محمد آصف سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف فيفا ۽ اي ايف سي سان ايندڙ گڏيل منصوبن جي آجيان ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت فٽبال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. بچاءُ واري وزارت مان جاري بيان موجب ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن ۽ فيفا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد خواجه محمد آصف سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ ۽ ترقيءَ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد جي اڳواڻي شيخ سلمان ابراهيم بن خليفه ڪئي جيڪو ايف سي جو صدر، فيفا جو سينيئر نائب صدر ۽ بحرين جي شاهي ڪٽنب جو ناليوارو ميمبر آهي. ساڻس گڏ داتوڪ سري وِنڊسرجان (سيڪريٽري جنرل ايف ايف سي)، احمد عبدالصمد (اي ايف سي صدر جو اسٽاف آفيسر)، سيد محسن گيلاني (پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو صدر- پي ايف ايف) ۽ علي اڪرم (ڊائريڪٽر ليگل پي ايف ايف) به شريڪ هئا. بچاءَ واري وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان حڪومت طرفان پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي مڪمل حمايت جي عزم کي ورجايو. هن پاڪستان ۾ فٽبال جي روشن مستقبل تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي تعاون، نوجوانن جي شموليت ۽ جديد انفراسٽرڪچر اڻٽر آهي. شيخ سلمان ابراهيم بن خليفه پي ايف ايف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي. هن خاطري ڪرائي ته اي ايف سي ۽ فيفا پاڪستان ۾ فٽبال جي نظام کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مقامي ٽيلنٽ کي نکارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور تعاون جاري رکندا. بچاءَ واري وزير ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت فٽبال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اي ايف سي ۽ فيفا سان ايندڙ گڏيل منصوبن جي آجيان ڪئي جيڪي نوجوان رانديگرن جي تربيت، ٽيلنٽ ڊولپمينٽ ۽ عالمي سطح تي نمائندگي جا موقعا وڌائڻ لاءِ جوڙيا ويا. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي، جتي ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ فٽبال جي بحالي ۽ ترقيءَ لاءِ ويجها رابطا جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں