دوحه - 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قطر جي دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي دوحه ايئرپورٽ تي اعليٰ قطري عملدارن ۽ پاڪستان جي سفير الوداع ڪيو. صدر آصف علي زرداري دوري دوران قطر جي امير، وزيراعظم، دفاع واري وزير ۽ اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. صدر سماجي ترقي جي لاءِ ٻي عالمي سربراهي …
صدر آصف علي زرداري قطر جي دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو

مزید خبریں
دوحه – 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قطر جي دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي دوحه ايئرپورٽ تي اعليٰ قطري عملدارن ۽ پاڪستان جي سفير الوداع ڪيو. صدر آصف علي زرداري دوري دوران قطر جي امير، وزيراعظم، دفاع واري وزير ۽ اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. صدر سماجي ترقي جي لاءِ ٻي عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب ڪيو. دوري ۾ صدر ٻطرفي لاڳاپن، سيڙپڪاري، دفاعي تعاون ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري قطر جي ميزباني ۽ خطي ۾ امن جي فروغ ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو.











