راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا برونائي داراسلام جي سرڪاري دوري دوران سلطان حاجي حسن البلقيه معيز الدين ولدوله ۽ دفاع واري ٻي وزير سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مان جاري موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي وزيراعظم آفيس جي منسٽر ۽ دفاع واري وزير ٻي ميجر جنرل (ر) يانگ برهورمت پيهن داتو ليلا راجا ۽ ڪمانڊر رائل …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جون برونائي داراسلام جي سرڪاري دوري دوران اهم ملاقاتون

مزید خبریں
راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا برونائي داراسلام جي سرڪاري دوري دوران سلطان حاجي حسن البلقيه معيز الدين ولدوله ۽ دفاع واري ٻي وزير سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مان جاري موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي وزيراعظم آفيس جي منسٽر ۽ دفاع واري وزير ٻي ميجر جنرل (ر) يانگ برهورمت پيهن داتو ليلا راجا ۽ ڪمانڊر رائل برونائي آرمڊ فورسز ميجر جنرل داتو پدوڪا سري حاجي محمد هزائمي بن بول حسن سان ڌار ڌار ملاقاتون پڻ ڪيون. چيئرمين جوائنٽ چيفس موآرا نيول بيس تي موجود ڪي ڊي بي دارالامان ۽ ڊفينس اڪيڊمي رائل برونائي آرمڊ فورسز جو به دورو ڪيو جتي هن علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي خدمتن جي موضوع تي خطاب پڻ ڪيو ۽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ 19 ملڪن جا آفيسر شامل هئا. انهن ملاقاتن ۾ عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنرل ساحر شمشاد مرزا برونائي دارالسلام سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي برونائي دارالسلام سان پاڪستان جي ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ عسڪري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. سلطان معظم ۽ برونائي دارالسلام جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستاني هٿياربند فوج جي اعليٰ پيشيوراڻي معيار، ڪارنامن ۽ دهشتگردي خلاف قربانين کي ساراهيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي رائل برونائي آرمڊ فورسز هيڊڪوارٽر پهچڻ تي چشت جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











