وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت هيٺ اجلاس، پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ويندڙ ماڻهن کي ايئرپورٽس تي آف لوڊ جي واقعن جو نوٽيس

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ويندڙ ماڻهن کي ايئرپورٽس تي آف لوڊ جي واقعن جو نوٽيس ورتو ويو. اجلاس ۾ ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل رفعت مختار خاص شرڪت ڪئي. وفاقي وزير کي مختلف ايئرپورٽس تي ورڪرز کي آف لوڊ ڪرڻ جي …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ويندڙ ماڻهن کي ايئرپورٽس تي آف لوڊ جي واقعن جو نوٽيس ورتو ويو. اجلاس ۾ ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل رفعت مختار خاص شرڪت ڪئي. وفاقي وزير کي مختلف ايئرپورٽس تي ورڪرز کي آف لوڊ ڪرڻ جي واقعن تي بريفنگ ڏني وئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ورڪ ويزا ۽ پروٽيڪٽر سرٽيفڪيٽ جي باوجود مختلف ايئرپورٽس تي ورڪرز کي آف لوڊ ڪيو ويو. پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ ويندڙ پاڪستاني اسان لاءِ انتهائي قابل عزت آهن ڪنهن ورڪرز کي غير قانوني طور روڪڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اوورسيز پاڪستاني ملڪي معيشت کي هلائڻ لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليندا آهن. وفاقي وزير ايف آءِ اي جي ڊي جي کي ايئرپورٽس تي ورڪرز کي آف لوڊ ڪرڻ جو معاملو فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آئنده ڪنهن ورڪ ويزه هولڊر کي ايئرپورٽ تي آف لوڊ نه ڪيو ويندو. ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل رفعت مختار ٻڌايو ته لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي ورڪرز کي آف لوڊ ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا جن جي جاچ جاري آهي. جيڪڏهن ايف آءِ اي جا اهلڪار ملوث ڏٺا ويا ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن جو چوڻ هو ته ورڪ ويزا تي پرڏيهه ويندڙن لاءِ ايف آءِ اي طرفان ڪا نئين شرط لاڳو ناهي ڪئي وئي نه ئي سرڪاري آفيسر کان حلفي بيان وٺڻ جپ ڪو نئون شرط لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جلد نئون ڊجيٽل نظام متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن ذريعي ورڪرز روانگي کان اڳ ئي پنهنجي اميگريشن آن لائن مڪمل ڪري سگهندا. چوڌري سالڪ حسين چيو ته مستقبل ۾ اهڙي طرح جي واقعن کي روڪڻ لاءِ اوورسيز پاڪستانين واري وزارت ۽ ايف آءِ اي عملدار ايس او پيز  تيار ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ اوورسيز  پاڪستانين واري سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري ۽ پاڪستان اوورسيز ايمپلائيمنٽ پروموٽرز ايسوسيئيشن جو وفد به موجود هو.

مزید خبریں