راولپنڊي-06 نومبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي کي جديد، محفوظ ۽ مسافر دوست بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري آهن، جلد پاڪستان جي سمورن وڏيون ريلوي اسٽيشنون جديد سهولتن سان ليس هونديون. هو راولپنڊي ۾ سيف اينڊ سمارٽ ريلوي اسٽيشن منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ريلوي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي ۽ ويزن تحت ريلوي جي نظام کي …
وفاقي وزير حنيف عباسي پاران راولپنڊي سيف اينڊ سمارٽ ريلوي اسٽيشن منصوبي جو افتتاح

مزید خبریں
راولپنڊي-06 نومبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي کي جديد، محفوظ ۽ مسافر دوست بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري آهن، جلد پاڪستان جي سمورن وڏيون ريلوي اسٽيشنون جديد سهولتن سان ليس هونديون. هو راولپنڊي ۾ سيف اينڊ سمارٽ ريلوي اسٽيشن منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ريلوي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي ۽ ويزن تحت ريلوي جي نظام کي جديد رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي. (ايف ڊبليو او) جي تعاون سان راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي لڳايل جديد سيف اينڊ سمارٽ اسٽيشن سسٽم ۾ 143 ڪئميرائن تي ٻڌل فول پروف نگراني جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي اسٽيشن، ريزر ويشن آفيس ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي مسلسل مانيٽرنگ ممڪن ٿي وئي آهي. هن ٻڌايو ته راولپنڊي ملڪ جو پهريون ريلوي اسٽيشن آهي جنهن کي جديد حفاظتي مانيٽرنگ سسٽم سان ليس ڪيو ويو آهي. ان نظام سان نه رڳو سيڪيورٽي ۾ بهتري ايندي پر عملي جي ڪارڪردگي جي موثر نگراني به ممڪن ٿي سگهندي. محمد حنيف عباسي نئين سي آءِ پي لائونج ۽ ويٽنگ ايريا جو به افتتاح ڪيو. هن چيو ته وڏين ريلوي اسٽيشنن تي جديد لائونجز جي تعمير جاري آهي جتي مسافرن کي پرسڪون ۽ آرامده ماحول فراهم ڪيو ويندو. لائونجز ۾ چانهه ۽ ريفريشمينٽ، عورتن ۽ فيمليز لاءِ ڌار ويٽنگ ايرياز، مفت واءِ فائي ۽ اي ٽي ايم مشينز جي سهولت دستياب هوندي. ريلوي واري وزير چيو ته پراڻين بوگين جي ريڪس کي ريفربشد ماڊلز مان تبديل ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي. لاهور کان راولپنڊي هلندڙ ٽن ريل ڪارن جي ريڪس جي تبديلي ڪئي وئي آهي جڏهن ته چوٿين 15 نومبر تي تبديل ڪئي ويندي. ريل ڪارز ۾ مسافرن کي لازمي هلڪي قسم جي خوراڪ جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن سفر کي وڌيڪ آرامده بڻائي سگهجي. هن ٻڌايو ته فيصل آباد ريلوي اسٽيشن جي جديد مرمت ۽ رنگ روغن مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلد ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جو به افتتاح ڪيو ويندو، جتي لاهور کان به وڌيڪ جديد سي آءِ پي لائونج ۽ ويٽنگ ايرياز تيار ڪيا ويا آهن. محمد حنيف عباسي وڌيڪ چيو ته آر ڊي ايم سي جي سهڪار سان 884 ڪلوميٽر ڊگهو روهڙي – نوڪنڊي ٽريڪ اپ گريڊ ڪيو ويندو، جنهن تحت 400 ڪلوميٽر نئون ٽريڪ وڇايو ويندو. هي منصوبو وزيراعظم جي ويزن موجب ملڪ ۾ جديد سفري سهولتن کي هٿي ڏيڻ جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ريلوي تيزي سان جديديت جي رخ ۾ گامزن آهي، اسان مسافرن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ريلوي جي ترقي جو اهو سفر هاڻي رڪجندو نه، جاري رهندو.











