لاهور-06 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صحافين جي 4 رڪني وفد مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق حضرت علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري، گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ علامه اقبال جي روح کي خراج عقيدت پيش ڪيو. مزار اقبال تي حاضري جي موقعي تي پنجاب رينجرز جي جٿي معزز مهمانن کي سلامي پيش ڪئي جڏهن ته وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ايراني وفد …
ايراني صحافين جي وفد جي علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري، بادشاهي مسجد جو دورو

مزید خبریں
لاهور-06 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صحافين جي 4 رڪني وفد مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق حضرت علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري، گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ علامه اقبال جي روح کي خراج عقيدت پيش ڪيو. مزار اقبال تي حاضري جي موقعي تي پنجاب رينجرز جي جٿي معزز مهمانن کي سلامي پيش ڪئي جڏهن ته وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ايراني وفد جي ميمبرن مزار اقبال جي زيارت کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا ۽ چيو ته علامه اقبال جو فڪر ۽ فلسفو مسلمان امت لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿو. ان کانپوءِ ايراني وفد تاريخي بادشاهي مسجد جو دورو ڪيو، جتي هنن نوافل ادا ڪيا ۽ مسجد جي مختلف حصن جو جائزو ورتو. معزز مهمانن مغليه تعمير جي فن جي عظمت ۽ خوبصورتي کي ساراهيو ۽ يادگاري گروپ فوٽو به ڪڍرايو. وفد ۾ شامل شخصيتن ۾ اسلامڪ ريپبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ (آءِ آر آءِ بي) جو وائيس پريزيڊنٽ احمد نوروزي، هيڊ آف انٽرنيشنل افيئرز جو ڊاڪٽر محمد نزاد، هيڊ آف سحر نيٽ ورڪ مرتضيٰ شمسي ۽ علي محمد، هيڊ آف سيستان ۽ بلوچستان سينٽر شامل هئا. پاڪستان مان مجيد هاشمي سميت هيڊ آف آءِ آر آءِ بي، شاهه قاسمي، ايران جي پرڏيهي آفيس جا آفيسر ۽ سيد علي رضوي، ايران ٽي وي جو خاص نمائندو به گڏ هو.











