پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ حصيداري علائقائي امن، توانائي جي تحفظ ۽ سماجي ترقي جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ آهي: صدر آصف علي زرداري

دوحه - 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خطي ۾ امن ۽ مڪالمي جي فروغ جي لاءِ قطر جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ حصيداري علائقائي امن، توانائي جي تحفظ ۽ سماجي ترقي جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۽ نار ملڪ افرادي قوت جي دستيابي، مهارت جي فروغ ۽ پائيدار سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائي سگهن ٿا، پاڪستاني …

دوحه – 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خطي ۾ امن ۽ مڪالمي جي فروغ جي لاءِ قطر جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ حصيداري علائقائي امن، توانائي جي تحفظ ۽ سماجي ترقي جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۽ نار ملڪ افرادي قوت جي دستيابي، مهارت جي فروغ ۽ پائيدار سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائي سگهن ٿا، پاڪستاني برادري جو ڪردار پاڪستان ۽ قطر جي پراڻي لاڳاپن جي لاءِ مضبوط پُل جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جي سماجي تحفظ جي نظام ۾ بائيوميٽرڪ تصديق سان امدادي رقم شفاف طريقي سان حقدار تائين پهچي ٿي، اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي هر خاندان کي سماجي تحفظ هجي، عورتون معاشي طور تي خودمختيار هجن ۽ نوجوانن کي باعزت روزگار ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قطر جي انگريزي اخبار ”دي پيننسولا“ کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. صدر چيو ته قطر خطي ۾ امن جي لاءِ اهم ثالث جو ڪردار ادا ڪيو آهي، خاص طور تي حماس ۽ عالمي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ميزباني ڪئي جنهن سان افغان امن عمل جي راهه هموار ٿي ۽ پاڪستان جي علائقائي خدشن بابت اهم اڳڀرائي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گهري ۽ گهڻ رخي حصيداري گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهي، 1972ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن سياسي، معاشي، دفاعي، توانائي ۽ انساني شعبن ۾ تعاون کي مسلسل وڌايو آهي، موجوده جاگرافيائي ۽ سياسي صورتحال ۾ اها حصيداري علائقائي امن، توانائي جي تحفظ ۽ سماجي ترقي جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ قطر ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ تربيت ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي غور ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري اسان جي پراڻي لاڳاپن جي مضبوط پُل آهي، ان جي محنت ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن جو قطر جي غيرمعمولي ترقي ۾ اهم حصو آهي جڏهن ته ان جو مٽاسٽا جو ناڻو ۽ مهارت پاڪستان جي معيشت ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائي ٿي. صدر چيو ته اسان پنهنجي ورڪرز جي مهارت ۾ اضافي ۽ انهن کي باضابطا بئنڪنگ چينلز جي استعمال ۾ مدد ڏئي رهيا آهيون ته جيئن اهي ٻاهرئين ملڪ بهتر موقعا حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي خاندانن ۽ ملڪي معيشت کي وڌيڪ موثر انداز ۾ سهارو ڏئي سگهن. صدر چيو ته پاڪستان قطر جي مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو خاص طور تي حماس ۽ ٻين ڌرين جي وچ ۾ رابطن ۾ هم آهنگي ۽ دوحه I ۽ دوحه II عمل جي ذريعي امن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ قطر جي مڪالمي ۽ سفارتڪاري تي يقين پاڪستان جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي ويزن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هن چيو ته دوحه عمل جو مقصد علائقائي ۽ عالمي سطح تي حصيداري جا امڪان پيدا ڪرڻ آهي، پاڪستان ۽ نار ملڪ افرادي قوت جي دستيابي، مهارت جي فروغ ۽ پائيدار سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائي سگهن ٿا، موسمياتي موافق انفراسٽرڪچر ۽ سماجي تحفظ تي گڏيل قدم خطي جي استحڪام کي مضبوط بڻائيندو. صدر چيو ته ٻي عالمي سماجي ترقياتي سمٽ، عالمي سماجي ۽ معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي ڇو ته ان سان اڻبرابري ۽ موسمياتي دٻاءُ جي دور ۾ سماجي انصاف ۽ جامع ترقي اتي عالمي اتفاق راءِ جي تجديد ٿي آهي. غربت، تعليم ۽ صحت جي مسئلن بابت هن چيو ته اسان انهن چئلينجز کي سماجي تحفظ ۽ انساني وسيلي ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي حل ڪري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 90 لک کان وڌيڪ خاندانن کي سڌوسنئون مالي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته وسيلا تعليم ۽ نشونما جهڙا پروگرام ٻارن جي تعليم ۽ غذائي معيار کي بهتر بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سماجي پاليسي دوحه پڌرنامي جي ان اصول موجب آهي جنهن ۾ يونيورسل سوشل پروٽيڪشن ۽ جامع معاشي بحالي تي زور ڏنو ويو آهي، اسان بي آءِ ايس پي جو دائرو ۽ اهليت وڌائي رهيا آهيون، قومي سماجي اقتصادي نظام مڪمل طور تي ڊيجيٽل ٿي چڪو آهي، ٻارن، معذور ماڻهن، آفتن کان متاثر خاندانن ۽ عورتن جي ڊيجيٽل مالي شموليت جي لاءِ نئين پروگرامن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، پاڪستان جو موقف آهي ته سماجي تحفظ ۽ روزگار جا موقعا گڏجي اڳتي وڌڻ گهرجن. پاڪستاني نوجوانن جي ترقي بابت هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان اسان جي ترقياتي حڪمت عملي جو مرڪز آهن، اسان جديد مهارت جي تربيت، ڊيجيٽل روزگار، ڪاروباري منصوبن ۽ غيررسمي ڪم جي باضابطا حيثيت جي ذريعي نوجوانن کي بهتر مستقبل سان ڳنڍي رهيا آهيون. صدر چيو ته پاڪستان ڏاکڻي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جتي هو پنهنجي سماجي تحفظ، تعليم، صحت ۽ ڪميونٽي ڊيولپمينٽ جي ماڊلز سان ٻين ملڪن کي فائدو پهچائي رهيو آهي، موسمياتي استحڪام ۽ غذائي تحفظ جي عالمي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته موسمياتي تبديلي سڌوسنئون ماڻهن جي روزگار ۽ زندگي کي متاثر ڪري ٿي. دوحه پڌرنامي ۾ تسليم ڪيو ويو آهي ته سماجي تحفظ ۽ موسمياتي موافقت گڏ هجڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ اسان جي روڪ امداد لکين خاندانن کي تيز تر بحالي ۾ مدد ڏني، اسان هاڻي ان نظام کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ فنانسنگ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن سماجي تحفظ موسمياتي استحڪام کي به مضبوط ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي سماجي تحفظ جي نظام ۾ بائيوميٽرڪ تصديق سان امدادي رقم شفاف طريقي سان حقدار تائين پهچي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ڊيجيٽل والٽس عورتن کي ادائيگين جي محفوظ انتظام ۽ مالي خودمختياري ۾ مدد ڏئي رهيا آهن. پنهنجي ڊگهي مدي واري ويزن بابت هن چيو ته اسان هڪ اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي هر خاندان کي سماجي تحفظ ميسر هجي، عورتون معاشي طور تي آزاد هجن، نوجوانن کي باعزت روزگار ملي، اسان دوحه ۽ پائيدار ترقياتي هدفن جي فريم ورڪس جي ذريعي مضبوط معاشي انتظام، خدمتن جي موثر فراهمي جو مقصد حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته سماجي تحفظ ملڪ جي جامع ۽ موسمياتي لچڪدار ترقي جو بنياد بڻجي.

مزید خبریں