اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري مملڪتي وزير عون چوڌري ملاقات ڪئي ۽ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، …
وزيراعظم سان وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ مملڪتي وزير عون چوڌري جي ملاقات، 27هين آئيني ترميم تي مشاورت

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري مملڪتي وزير عون چوڌري ملاقات ڪئي ۽ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله به پڻ موجود هئا.











