پاڪستان ۽ ايران ايمان، تاريخ ۽ ثقافت جي گهري رشتن ۾ ٻڌل آهن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ايمان، تاريخ ۽ ثقافت جي گهري رشتن ۾ ٻڌل آهن، پارلياماني ڪميٽين ۽ فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطا گڏيل تعاون کي فروغ ڏئي سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايران جي اسلامي مشاورتي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ايمان، تاريخ ۽ ثقافت جي گهري رشتن ۾ ٻڌل آهن، پارلياماني ڪميٽين ۽ فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطا گڏيل تعاون کي فروغ ڏئي سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايران جي اسلامي مشاورتي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ مانجهاندو ڏنو ويو. وقتي صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ ايران ايمان، تاريخ ۽ ثقافت جي گهري رشتن ۾ ٻڌل آهن. هن سياسي مڪالمي، اقتصادي رابطن ۽ عوامي مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پارلياماني ڪميٽين ۽ فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطا گڏيل تعاون کي فروغ ڏئي سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ ايران تعليم، ثقافت ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا جي پروگرامن ۾ پڻ تعاون وڌائي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻطرفي واپار، علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ايراني اسپيڪر چيو ته ايران پاڪستان کي ڀائر ۽ اعتماد جوڳو پاڙيسري سمجهي ٿو. هن چيو ته ايران جو پارلياماني وفد ايندڙ اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.

مزید خبریں