اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته قومي ماربل پاليسي جلدي متعارف ڪرائي ويندي، موجوده مسئلن جا حل ۽ پائيدار صنعتي ترقي کي ھٿي وٺرائي رھيا آھيون، پاڪستان جو ماربل عالمي معيار جو آھي، ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ويليو ايڊيشن ۽ بھتر برانڊنگ ذريعي ان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو ويندو. اهڙن …
روانگي واپار ۽ صنعتي ترقي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ قومي ماربل پاليسي متعارف ڪرائي ويندي: ھارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته قومي ماربل پاليسي جلدي متعارف ڪرائي ويندي، موجوده مسئلن جا حل ۽ پائيدار صنعتي ترقي کي ھٿي وٺرائي رھيا آھيون، پاڪستان جو ماربل عالمي معيار جو آھي، ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ويليو ايڊيشن ۽ بھتر برانڊنگ ذريعي ان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظھار ھن اسلام آباد ۾ آل پاڪستان ماربل انڊسٽري ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان اسٽون ڊولپمينٽ ڪمپني (پاسڊيڪ) جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ماربل جي روانگي واپار ۾ درپيش رڪاوٽن، ويليو ايڊيشن جي چئلينجز ۽ ماربل سيڪٽر لاءِ رعايتن ۽ سھولتن جي امڪاني قدمن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ھارون اختر خان اعلان ڪيو ته ماربل سيڪٽر کي صنعت قرار ڏنو ويندو، ۽ ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته اھو شعبو پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ھن چيو ته قومي ماربل پاليسي جلدي متعارف ڪرائي ويندي ته جئين موجوده مسئلن جي حل ۽ پائيدار صنعتي ترقي کي ھٿي وٺرائي سگھجي. ھن چيو ته پاڪستان جو ماربل عالمي معيار جو آھي، ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ويليو ايڊيشن ۽ بھتر برانڊنگ ذريعي ان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو وڃي. ھارون اختر خان وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتڪارن سان ويجھي رابطي ۾ آھي ته جئين پاليسي سطح تي سڌارا آڻي سگھجن جيڪي ان شعبي ۾ برابري ۽ پيداواريت ۾ اضافو ڪن. ھن وڌيڪ چيو ته ماربل سيڪٽر جي استحڪام سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي ھر ممڪن سھڪار ۽ سھولت فراھم ڪندي. خاص مددگار ان ڳالھه تي زور ڀريو ته جديد مھارتن جي تربيت ۽ فني مدد جي فراھمي سان ماربل انڊسٽري کي وڌيڪ فعال ۽ عالمي سطح تي برابر بڻائي سگھجي ٿو. ھن پاسڊيڪ ۽ خانگي شعبي کي ھدايت ڪئي ته اسان ماربل جي پروسيسنگ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي ھٿي ڏينداسين. ھارون اختر خان پاسڊيڪ ۽ ماربل ايسوسيئيشن کي ھدايت ڏني ته اٽلي سان سھڪار لاءِ تجويزون تيار ڪيون وڃن، خاص طور ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا، صلاحيتن ۾ اضافي، روانگي واپار کي ھٿي وٺرائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون وڃن.











