او پي ايف ڪاليج اسلام آباد جي شاگردن طرفان پارليامينٽ ھائوس جو مطالعاتي دورو

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستاني فائونڊيشن (او پي ايف) ڪاليج ايف-11/2، اسلام آباد جي شاگردن جي ھڪ وفد اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ھائوس جو مطالعاتي دورو ڪيو. وفد جي پارليامينٽ ھائوس آمد تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اختيارين آجيان ڪئي، وفد سينيٽ ميوزيم، دستور گلي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ھالز جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي وفد کي پارليامينٽ جي نظام، قانون سازي جي …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستاني فائونڊيشن (او پي ايف) ڪاليج ايف-11/2، اسلام آباد جي شاگردن جي ھڪ وفد اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ھائوس جو مطالعاتي دورو ڪيو. وفد جي پارليامينٽ ھائوس آمد تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اختيارين آجيان ڪئي، وفد سينيٽ ميوزيم، دستور گلي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ھالز جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي وفد کي پارليامينٽ جي نظام، قانون سازي جي عمل، سينيٽ جي ڪردار ۽ سينيٽ جي مختلف ڪميٽين جي حوالي سان تفصيلي آگاھه ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق شاگردن کي سينيٽ ميوزيم ۾ پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، پاڪستان جي آئين جي جوڙجڪ ۽ قانون سازي جي مختلف مرحلن بابت جامع بريفنگ ڏني وئي. وفد سينيٽ ھال جي دوري دوران اجلاس جي ڪارروائي ۽ قانون سازي جي طريقيڪار بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪئي. دوري جي پڃاڻي تي شاگردن سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان فراھم ڪيل ميزباني ۽ معلوماتي بريفنگ کي نھايت فائدي مند ۽ معلوماتي قرار ڏنو.

مزید خبریں