اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي مدد سان پاڪستان ڊجيٽل انقلاب طرف اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. حڪومت پاڪستان، گوگل، ٽيڪ ويلي ۽ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين آر ٽي سي) جي سهڪار سان پهرين ڪروم بڪ اسيمبلي لائن جو افتتاح ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ڪروم بڪ اسيمبلي لائن ذريعي 2026ع کان مقامي سطح تي استادن …
ايس آءِ ايف سي جي مدد سان پاڪستان ڊجيٽل انقلاب طرف اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي مدد سان پاڪستان ڊجيٽل انقلاب طرف اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. حڪومت پاڪستان، گوگل، ٽيڪ ويلي ۽ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين آر ٽي سي) جي سهڪار سان پهرين ڪروم بڪ اسيمبلي لائن جو افتتاح ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ڪروم بڪ اسيمبلي لائن ذريعي 2026ع کان مقامي سطح تي استادن ۽ شاگردن لاءِ ساليانو 5 لک ليپ ٽاپس تيار ڪيا ويندا. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته هڪ سال اندر مڪمل اسيمبلي لائن جو قيام ۽ ناليواري ٽيڪ ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو اعلان اهم سنگ ميل آهي. مشهور عالمي ڪمپني گوگل جي پاڪستان ۾ موجودگي ملڪ جي ڊجيٽل معيشت ۽ ترقي لاءِ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. منصوبي جو مقصد مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ محفوظ ۽ سستن ڪروم بڪس جي فراهمي، صنعتي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، واضح رهي ته موبائيل ايپس، ڊجيٽل سروسز ۽ اي ڪامرس ذريعي 2030ع تائين ساليانو 6.6 ارب ڊالرن جي روانگي واپار جو امڪان آهي.











