بيجنگ - 6 نومبر(اي پي پي)چين ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي پنهنجي ايران جي هم منصب عباس عراقچي سان فون تي ڳالهين ۾ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌريون گڏيل رابطن کي بحال رکندي نئين سر ڳالهيون شروع ڪنديون. چين جي پرڏيهي …
ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين ۾ رڪاوٽ عالمي برادري جي مفاد ۾ ناهي: چين جو پرڏيهي وزير
بيجنگ – 6 نومبر(اي پي پي)چين ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي پنهنجي ايران جي هم منصب عباس عراقچي سان فون تي ڳالهين ۾ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌريون گڏيل رابطن کي بحال رکندي نئين سر ڳالهيون شروع ڪنديون. چين جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ايٽمي پروگرام تي جاري تڪرار کي طئي ڪرڻ لاءِ سياسي عمل هن وقت رڪاوٽن جو شڪار آهي جيڪو عالمي برادري جي مفاد ۾ ناهي. چين جي پرڏيهي وزير ايران کي ايٽمي توانائي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي پرامن مقصد جي استعمال جي موقف جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ايران کي پرامن مقصد لاءِ توانائي استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي.











