اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڄمون جي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو ۽ اسان انهن جي انصاف، وقار ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ”ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي“ 6 …
صدر آصف علي زرداري پاران ڄمون جي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڄمون جي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو ۽ اسان انهن جي انصاف، وقار ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ”ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي“ 6 نومبر 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ان مقدس ڏينهن تي پاڪستان ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. صدر چيو ته اسان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ڄمون جي قتل عام کي نسل ڪشيءَ جي طور تي تسليم ڪن ۽ جنيوا ڪنوينشنز جي خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي بيهڪ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن سميت عالمي قانون جي مسلسل خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده قرار ڏين. هن چيو ته 1947ع ۾ اڄ جي ڏينهن هندو ڊوگره مها راجا جي فوج آر ايس ايس جي انتهاپسندن ۽ پٽيالا ۽ ڪپور ٿله جي هٿياربند گروهن جي مدد سان ننڍي کنڊ جي تاريخ جو هڪ بدترين قتل عام ڪيو. صدر چيو ته ڄمون جي قتل عام کانپوءِ 2 لک کان وڌيڪ مسلمان شهيد ڪيا ويا ۽ 5 لک کان وڌيڪ سيالڪوٽ جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ جانيون بچائي هجرت تي مجبور ٿيا. هن چيو ته ڪجهه ئي هفتن ۾ 6 نومبر 1947ع جي سانحي ڄمون جي آبادي کي سدائين جي لاءِ بدلائي ڇڏيو ۽ منظم نسل ڪشيءَ جي ذريعي هڪ مسلمان اڪثريتي خطي کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو. صدر چيو ته ڄمون جو قتل عام جديد تاريخ جو ڪارو ترين باب آهي، جتي دنيا ٻين عظيم انساني المين کي ياد رکي ٿي اتي 1947ع ۾ ڪشميري مسلمانن جي نسل ڪشيءَ کي ڪڏهن به اها پذيرائي نه ملي جنهن جي اها مستحق هئي. هن چيو ته ظلم ۽ ڏاڍ جو پيمانو حيران ڪندڙ هو، پوري ڳوٺن جو صفايو ٿي ويو ۽ خاندان وکري ويا. صدر آصف علي زرداري چيو ته سڄي دنيا جا ڪشميري ان ڏينهن کي ڄمون جي شهيدن ۽ انهن معصوم شهرين کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ملهائين ٿا جن کي انهن جي عقيدي ۽ سڃاڻپ جي لاءِ قتل ڪيو ويو هو، انهن جي قرباني ڄمون ۽ ڪشمير جي اڻ مڪمل ڪهاڻي جي هڪ واضح ياد ڏياري ٿي، هڪ ڪهاڻي جيڪا 1947ع جي زوري قبضي کان شروع ٿي هئي ۽ جيڪا اڄ به ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ به ڏاڍ جو انداز برقرار آهي، ڊوگره حڪمران ۽ آر ايس ايس جي انتهاپسندن پاران رياستي سرپرستي ۾ قتل عام جي مهم جي طور تي جيڪو ڪجهه شروع ٿيو اهو ڀارتي رياست جي ذريعي منظم آبادياتي انجنيئرنگ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. صدر چيو ته آگسٽ 2019ع ۾ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي منسوخي، زمينن تي قبضي، غيرمقامي ماڻهن جي اچڻ ۽ ڪشميري سڃاڻپ تي پابنديون ڄمون ۽ ڪشمير جي مڃيل ڪردار کي مٽائڻ جي هڪ ئي منصوبي جو حصو آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اٽڪل 10 لک ڀارتي فوجين جي مقرري سان جاري قبضي ان خطي کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، دنيا کي ڪشميرين جي هڪ ٻي نسل کي ظلم ۽ ڏاڍ، لڏپلاڻ ۽ بيدخلي کي منهن ڏيڻ تان نظرون نه هٽائڻ گهرجن. صدر چيو ته پاڪستان ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، پاڪستان ڪشميري عوام جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو ۽ اسان انهن جي انصاف، وقار ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.











