خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي قطر فائونڊيشن ۾ شيخه موزا بنت ناصر سان ملاقات

دوحه - 05 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري قطر فائونڊيشن ۾ شيخه موزا بنت ناصر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تعليم، صحت ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري شيخه موزا بنت ناصر جي تعليم ۽ انساني ترقي جي …

دوحه – 05 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري قطر فائونڊيشن ۾ شيخه موزا بنت ناصر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تعليم، صحت ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري شيخه موزا بنت ناصر جي تعليم ۽ انساني ترقي جي فروغ ۾ قائداڻي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو. خاتون اول ايجوڪيشن ابوو آل جي پاڪستان ۾ 13 لک کان وڌيڪ ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۾ قابل قدر خدمتن کي ساراهيو. خاتون اول پاڪستاني يونيورسٽين ۽ قطر فائونڊيشن جي وچ ۾ حصيداري وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي. شيخه موزا بنت ناصر پاڪستاني شاگردن جي ڪارڪردگي ۽ تخليقي صلاحيتن کي ساراهيو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري شيخه موزا جي فلسطين جي حق ۾ موقف ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جي مذمت کي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي شموليت جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں