تجديد جوڳي توانائي کي هٿي وٺرائڻ، ٻارڻ تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديليءَ خلاف قدمن کي تيز ڪرڻو پوندو: رانا احسان افضل خان

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار رانا احسان افضل خان چيو آهي ته پاڪستان ڪاربان جي نيڪال ۾ عالمي سطح تي حصو گهٽ هئڻ باوجود دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ وارن ملڪن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ) جي انتظام هيٺ پائيدار ترقي ڪانفرنس 2025ع ۾ ماحولياتي خوشحالي لاءِ اقتصادي …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار رانا احسان افضل خان چيو آهي ته پاڪستان ڪاربان جي نيڪال ۾ عالمي سطح تي حصو گهٽ هئڻ باوجود دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ وارن ملڪن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ) جي انتظام هيٺ پائيدار ترقي ڪانفرنس 2025ع ۾ ماحولياتي خوشحالي لاءِ اقتصادي ۽ مالياتي منصوبابندي جي بحاليءَ جي عنوان سان رٿيل سيشن ۾ مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن موسمياتي تبديليءَ کي موجوده وقت جو سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو. هن چيو ته وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائيندڙ شديد ٻوڏ موسمياتي تبديلين جو نتيجو آهي. هن چيو ته تجديد جوڳي توانائي کي هٿي وٺرائڻ، ٻارڻ تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديليءَ خلاف قدمن کي تيز ڪرڻو پوندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ نه صرف پاليسيءَ ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي پر حڪومت، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي طرفان اجتماعي قدمن جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي خوشحالي جو رستو هڪ سرسبز، جامع ۽ مستقبل لاءِ تيار معيشت جي تعمير ۾ آهي جيڪو بدلجندڙ ماحولياتي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو . تقريب دوران هن ڪانفرنس جي نمائشي علائقي جو پڻ دؤرو ڪيو جتي هن پائيدار ٽيڪنالاجيز جي نمائش ڪندڙ جدت ڪارن ۽ تنظيمن سان ڳالهيون ڪيون. هن پاڪستان گرين ٽرانزيشن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سندن ڪوششن کي ساراهيو، صنعت ۽ انفراسٽرڪچر ۾ موسمياتي لچڪدار طريقن کي وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں