اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو مسودو پهرين سينٽ آف پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن آئيني ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي ته ان تي ڳالهه ٿئي ها ته بهتر هو. قومي اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته هر دؤر ۾ چونڊن ۽ مينڊيٽ تي سوال اُٿاريا وڃن ٿا، 2018ع …
27هين آئيني ترميم جو مسودو پهرين سينيٽ آف پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويندو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو مسودو پهرين سينٽ آف پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن آئيني ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي ته ان تي ڳالهه ٿئي ها ته بهتر هو. قومي اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته هر دؤر ۾ چونڊن ۽ مينڊيٽ تي سوال اُٿاريا وڃن ٿا، 2018ع جي چونڊن کي آر ٽي ايس جي چونڊ چيو ويو، پاڪستان جي آئين ۾ ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ماضيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ڪيسن کي سياسي رنگ به ڏنو ويو، 2006ع جي ميثاقِ جمهوريت ۾ ڇا آئيني عدالتن جون شقون موجود نه هيون؟ هن چيو ته پاڪستان ۾ ججن کي گهر اُماڻڻ جو هڪ ئي فورم آهي، اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته 27هين آئيني ترميم سان 18هين ترميم رول بيڪ ناهي ٿي رهي. هن چيو ته ان قسم جون غلط فهموين ۽ افواهه نه ڦهلايا وڃن.











