اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي پاڪستان بابت ريزيڊنٽ نمائندي سيموئل رزڪ پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي يو اين ڊي پي جي ڊپٽي ريزيڊنٽ نمائندي وان نيو جن به موجود هئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وزارت، …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يو اين ڊي پي جي ريزيڊنٽ نمائندي جي وفد سان گڏ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي پاڪستان بابت ريزيڊنٽ نمائندي سيموئل رزڪ پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي يو اين ڊي پي جي ڊپٽي ريزيڊنٽ نمائندي وان نيو جن به موجود هئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وزارت، يو اين ڊي پي ۽ يورپي يونين وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ پاڪستان جي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير يو اين ڊي پي پاڪستان ۽ يورپي يونين طرفان انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اداري جاتي، قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ کي مضبوط بنائڻ ۾ فراهم ڪيل مسلسل سهڪار ۽ فني معاونت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ”حقوق پاڪستان-II“ منصوبو پاڪستان حڪومت جي انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو آئيني ضمانتن ۽ عالمي ذميدارين موجب آهي. ملاقات دوران منصوبي جي چئن اهم جُزن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو، جن ۾ قومي انساني حقن جي ادارن جي مضبوطي، سرڪاري انساني حقن جي ڍانچي جي بهتري، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ انساني حقن جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروبار انساني حقن جي ايجنڊا جي اڳڀرائي شامل آهن، جيڪي گڏيل قومن جي ”ڪاروبار ۽ انساني حقن بابت رهنما اصول“ (يو اين جي پيز) موجب آهن. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته منصوبي تحت انساني حقن جي معلوماتي انتظامي نظام (ايڇ آر آءِ ايم ايس) کي جديد رُخن تي آندو پيو وڃي جيڪو عملدرآمد بابت قومي نظام، رپورٽنگ ۽ فالو اپ کي پڻ مضبوط بڻايو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان عالمي معاهداتي گهُرجن جي اثرائتي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻي طرف منصوبو ڪارو ۽ انساني حقن بابت قومي لائحه عمل کي مستحڪم ڪرڻ، نجي شعبي ۾ ذميداراڻي ڪاروباري طرز عمل، صنفي برابري ۽ پائيداريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو. هي منصوبو وزارت کي انساني حقن بابت احتياطي فريم ورڪ (هيومن رائٽس ڊيوڊيليجنس فريم ورڪ) تيار ڪرڻ، مانيٽرنگ ۽ جاچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ قومي معيارن کي عالمي واعدن ۽ جي ايس پي پلس گهُرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۾ پڻ مدد فراهم ڪندو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ يورپي يونين ۽ يو اين ڊي پي جي گڏيل ۽ مستقل سهڪار کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته اها ڀائيواري پاڪستان ۾ انساني حقن، سماجي انصاف ۽ جٽادار ترقيءَ کي هٿي وڌيڪ هٿي ڏيندي.











