اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 6 نومبر 1947ع جو ڏينهن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو بدترين ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ڊوگره راڄ جي فوج ۽ آر ايس ايس جي هٿياربند جٿن رياستي سرپرستيءَ ۾ ڄمون جي لکين هٿين خالي مسلمان کي شهيد ڪري ظلم ۽ بربريت جو هڪ …
ڇهه نومبر 1947ع جو ڏينهن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو بدترين ڪارو ڏينهن آهي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 6 نومبر 1947ع جو ڏينهن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو بدترين ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ڊوگره راڄ جي فوج ۽ آر ايس ايس جي هٿياربند جٿن رياستي سرپرستيءَ ۾ ڄمون جي لکين هٿين خالي مسلمان کي شهيد ڪري ظلم ۽ بربريت جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو اڄ به انساني ضمير کي جهنجهوڙي ٿو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اهو قتلِ عام هڪ سوچي سمجهيل سازش هئي، جنهن جو مقصد مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ خطي جي آبادياتي سُڃاڻپ کي مٽائڻ هو، هي سانحو اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڪشميري عوام گذريل 7 ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ، گهيري، مواصلاتي بندشن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين باوجود اڄ به پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد جاري رکيو اچن، اها جدوجهد ان تاريخي تسلسل جو حصو آهي، جنهن کي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ڀارتي قدمن وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو، جڏهن ڀارت آئين جي شقن 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ڦُري ورتي. هن چيو ته اسان حريت قيادت جي قربانين کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا جن ڀارتي صعوبتن باوجود پنهنجي عوام جي حق لاءِ ڄميل رهيا، پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميرين جي انساني حقن جو آواز بلند ڪندو رهندو، ايستائين جو انصاف ۽ آزاديءَ جو ڏينهن اچي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ان موقعي تي ڄمون جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ ڪشميري عوام خوداراديت واري حق لاءِ سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪري ٿو، جيڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي عين موجب آهي جنهن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي نگرانيءَ هيٺ ۽ منصفاڻي ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو.











