لاهور: گرونانڪ ديوجي، جي 556هين جنم ڏڻ جون تقريبون پڄاڻيءَ تي پهتيون

لاهور-05 نومبر (اي پي پي) سک مذهب جي روحاني پيشوا گرونانڪ ديوجي، جي 556هين جنم ڏڻ جون تقريبون ننڪانه صاحب ۾ پڄاڻيءَ تي پهتيون. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي انتظام هيٺ مرڪزي تقريب گورودوارا جنم اسٿان ننڪانه صاحب ۾ ڪالهه منعقد ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته سمورا مذهب احترام جوڳو ۽ امن جو درس ڏين …

لاهور-05 نومبر (اي پي پي) سک مذهب جي روحاني پيشوا گرونانڪ ديوجي، جي 556هين جنم ڏڻ جون تقريبون ننڪانه صاحب ۾ پڄاڻيءَ تي پهتيون. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي انتظام هيٺ مرڪزي تقريب گورودوارا جنم اسٿان ننڪانه صاحب ۾ ڪالهه منعقد ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته سمورا مذهب احترام جوڳو ۽ امن جو درس ڏين ٿا. مذهب پنهنجو پنهنجو پر انسانيت ان کان مٿانهين آهي. هن چيو ته جنم ڏڻ جي تقريبن جي موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ٽيم صوبائي کاتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ياترين جي بهترين مهمان نوازي لاءِ خاص طور تي انتظام ڪيا. بورڊ، مذهبي معاملن واري وزارت انتظامن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ته جيئن سک ياترين کي آرامده ۽ بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

مزید خبریں