گڏيل قومون-05 نومبر (اي پي پي) پاڪستان قابض طاقتن طرفان حقيقتن کي بگاڙي ڏاڍ کي جائز قرار ڏيڻ ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي غير قانوني ثابت ڪرڻ لاءِ غلط ڄاڻ جي اسٽريٽجڪ استعمال تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان رجحان جي اثرائتي طور تي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي پريس قونصلر امانت علي، خاص سياسي ۽ …
قابض طاقتن طرفان حقيقتن کي بگاڙي ڏاڍ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ غلط ڄاڻ جي استعمال جي رجحان جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي: پاڪستان
گڏيل قومون-05 نومبر (اي پي پي) پاڪستان قابض طاقتن طرفان حقيقتن کي بگاڙي ڏاڍ کي جائز قرار ڏيڻ ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي غير قانوني ثابت ڪرڻ لاءِ غلط ڄاڻ جي اسٽريٽجڪ استعمال تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان رجحان جي اثرائتي طور تي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي پريس قونصلر امانت علي، خاص سياسي ۽ غير نوآبادياتي معاملن بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چوٿين ڪميٽي ۾ انفارميشن جي حوالي سان سوالن جي موضوع تي بحث دوران چئي. هن چيو ته انٽرنيٽ جي بندش، ميڊيا تي پابندي جي قانونن ۽ ڊجيٽل سرويلنس ذريعي قابض طاقتون اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ مصنوعي استحڪام جو ڪُوڙو بيانيو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. هن چيو ته ڄاڻ تائين پهچ جي حوالي سان ان منظم ڏاڍ ذريعي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪرين تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪي عالمي قانونن ۽ ميمبر ملڪن جي اخلاقي ذميوارين جي ابتڙ آهن. هن چيو ته حقيقتن کي ختم ڪرڻ، ملڪن کي بدنام ڪرڻ ۽ عالمي ادارن تي عوامي اعتماد کي ڪمزور ڪرڻ هاڻي هڪ منظم طرزِ عمل بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته درست، غيرجابندار ۽ وقت سر ڄاڻ جي فراهمي گڏيل قومن جي اصولن، مقصدن ۽ پروگرامن کي هٿي ڏيڻ لاءِ نهايت ضروي آهي. جتي معلومات کي انسانيت جي خدمت ۽ گڏيل فهم ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو هجڻ گهرجي، اتي ان جو غلط استعمال عوامي اعتماد کي مجروح ڪري ٿو، معاشرتي ويڇي کي وڌائي ٿو ۽ گهڻ رخي تعاون کي ڪمزور ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ان يقين کي سگهه ڏيڻ جي اميد ڪري ٿو ته ڄاڻ رڳو هڪ شئي ناهي پر هڪ عوامي ڀلائي آهي ۽ ان سان به اهم طور تي گڏيل ذميواري آهي. مصنوعي ذهانت ۽ تلخيقي ٽيڪنالاجيز جي باري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ جنريٽو ٽيڪنالاجيز جي آمد ڊجيٽل منظرنامي ۾ هاڪاري اميد ۽ خطرن ٻنهي کي شامل ڪري ڇڏيو آهي، هي ٽيڪنالاجي جيڪڏهن اخلاقي اصولن موجب استعمال ڪئي وڃي ته بهتر طرزِ حڪمراني ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. پر ان کي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ته اها حقيقت کي ختم ڪرڻ ۽ ڪُوڙ کي وڌائڻ جي طاقت رکي ٿي. جيڪڏهن ان تي ضابطو نه آندو ويو ته اها ڇوٽ سان گڏ غلط ڄاڻ پکيڙڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي، پاڪستاني نمائندي ڊجيٽل اڻبرابري جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته جيستائين معلوماتي ٽيڪنالاجي تائين منصفاڻي پهچ يقيني نٿي بڻائي وڃي، ڊجيٽل ترقي جو واعدو اڌورو ۽ دنيا جي هڪ وڏي آبادي جدت ۽ موقعن کان محروم رهندي. ان خال کي ڀرڻ جامع ڊجيٽل معيشت ۽ 2030ع جي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان گهڻ لساني ۽ ثقافتي تنوع کي برقرار رکڻ کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن جو پيغام انهن ٻولين ۾ ماڻهن تائين پهچائڻ گهرجي جن کي اهي سمجهن ٿا ۽ ڀروسو ڪن ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته نفرت پکيڙيندڙ تقريرون خاص طور تي اسلامو فوبيا ۽ پرڏيهين کان نفرت (زينو فوبيا) ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهڻو ڪري حقيقي دنيا کي نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي، صحت ۽ ماحوليات جهڙن اهم موضوعن تي ڪجهه عالمي پليٽ فارمن تي گردش ڪندڙ غلط ڄاڻ به ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان درست، جامع ۽ اخلاقي معلومات کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.











