ملڪ جي معاشي ترقي ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جو ڪردار اهميت وارو آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جو ڪردار اهميت وارو آهي، ٽيڪس سڌارن ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جي مشاورت شامل هوندي، ايندڙ سال جو بجيٽ، ٽيڪس پاليسي آفيس ٺاهيندي. گذريل ڏينهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي ۾ واپارين ۽ …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جو ڪردار اهميت وارو آهي، ٽيڪس سڌارن ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جي مشاورت شامل هوندي، ايندڙ سال جو بجيٽ، ٽيڪس پاليسي آفيس ٺاهيندي. گذريل ڏينهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جو ڪردار اهميت وارو آهي، اسان کي روينيو ۽ خرچن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو، ٽيڪس سڌارن ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جي مشاورت شامل هوندي. هن چيو ته ٽيڪس پاليسي آفيس کي ايف بي آر کان ناڻي واري وزارت منتقل ڪيو ويو آهي، ايندڙ سال جو بجيٽ ٽيڪس پاليسي آفيس ٺاهيندي، ان جو بنيادي مقصد بجيٽ کي معاشي ترجيحن موجب بڻائڻ آهي، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس ٽيم مشاورت لاءِ دستياب هوندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاروباري برادري سان گڏجاڻي کانپوءِ 8 گروپس ٺاهيا آهن، سمورن گروپن جا چيئرمين ۽ ميمبر نجي شعبي مان آهن ۽ انهن ۾ ڪو به وزير ناهي، وزيراعظم 15 نومبر تائين سفارشون ۽ تجويزون گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم نجي شعبي جي قيادت ۾ اقتصادي ترقي ۽ اوسر تي يقين رکي ٿو، معاشي استحڪام سان اسان کي وڏو فائدو ٿيو آهي، پاڪستان 500 ملين ڊالرن جي يورو بانڊز جي وقت سر ادائيگي ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ اسان جي ترجيح آهي، ٻوڏ کانپوءِ اسان پنهنجي وسيلن سان بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فيصلو ڪيو ۽ هي ان لاءِ ممڪن ٿيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم ٿيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پائيدار اوسر لاءِ اسان کي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ هر يونٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو گهرجي، آٽو سيڪٽر جو روانگي واپار شروع ٿي چڪو آهي، حڪومت صنعتي ڪچي مال جي ٽيرف ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته ڏکڻ ايشيا کي به ماضي ۾ پاڪستان جهڙا مسئلا درپيش هئا، انهن ملڪن سڌارن ذريعي پنهنجي معيشتن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو. ناڻي واري وزير چيو ته هن بجيٽ ۾ اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا لاءِ انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ جاري رکي وئي آهي، جڏهن ته 10 سيڪڙو جي شرح سان سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جو شعبو ملڪي ايڪسپورٽ ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو، حڪومت ٽيڪسٽائيل کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس پاليسي ۽ 8 خصوصي گروپن ۾ چيمبز کي نمائندگي ڏني ويندي، حڪومت ڊي ريگوليشن تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته آبادي ۾ اضافو ۽ موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ ٻه بنيادي وجودي مسئلا آهن، انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ وقت جي ضرورت آهي. ان حوالي سان وفاق ۽ صوبن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته اين ايف سي آئيني فورم آهي ۽ فورم بابت معاملا اتي ئي طئي ٿيندا.

مزید خبریں