اسلام آباد - 05 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران براڊ ڪاسٽنگ (آءِ آر آءِ بي) جي اعليٰ سطح جي وفد ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ خبرن جي مٽاسٽا بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد ۾ اسلامي جمهوريه ايران براڊ ڪاسٽنگ جو نائب صدر ۽ عالمي سروس جو سربراهه احمد نوروزي، آءِ آر آءِ بي …
اسلامي جمهوريه ايران براڊ ڪاسٽنگ جي اعليٰ سطحي وفد جو اي پي پي هيڊڪوارٽرز جو دورو، خبرن جي مٽاسٽا بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران براڊ ڪاسٽنگ (آءِ آر آءِ بي) جي اعليٰ سطح جي وفد ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ خبرن جي مٽاسٽا بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد ۾ اسلامي جمهوريه ايران براڊ ڪاسٽنگ جو نائب صدر ۽ عالمي سروس جو سربراهه احمد نوروزي، آءِ آر آءِ بي جي عالمي معاملن وارو ڊائريڪٽر جنرل عباس محمد نزاد، سحر يونيورسل نيٽ ورڪ جو ڊائريڪٽر مرتضيٰ شمسي ۽ آءِ آر آءِ بي بلوچستان ايران جو هيڊ علي محمدي نافچي شامل هئا. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي وفد کي سرڪاري خابرو ايجنسي جي معاملن، سڄي ملڪ ۾ موجود بيوروز، اسٽيشنز، ضلعي نمائندن ۽ خبرن جي پهچ بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته اي پي پي انگريزي، اردو، سنڌي، عربي، چيني، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي سميت مختلف زبانن ۾ سروسز فراهم ڪري رهي آهي. هن سوشل ميڊيا، رپورٽنگ، فيچر سروس، سفارتي ۽ عالمي خبرن ۽ وڊيو نيوز سروس سميت مختلف خدمتن بابت تفصيل سان روشني وڌي. هن ٻڌايو ته 45 کان وڌيڪ عالمي خابرو ايجنسين سان اي پي پي جي خبرن جي مٽاسٽا جا معاهدا آهن. اي پي پي جي ايم ڊي وفد کي ايراني نيوز ايجنسي (ارنا) سان خبرن جي گڏيل مٽاسٽا کان پڻ آگاهه ڪيو. هن آءِ آر آءِ بي سان معاهدي جي لاءِ تفصيلي تجويز جي فراهمي تي زور ڏنو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. اسان ميڊيا جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهون ٿا. نائب صدر احمد نوروزي چيو ته آءِ آر آءِ بي، ايران جو اهم ٿنڀ ۽ ميڊيا تنظيم آهي. هن ٻڌايو ته آءِ آر آءِ بي تحت 100 کان وڌيڪ چينلز، نيوز ايجنسيز ۽ ٻيا ميڊيا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ موجوده ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته صحافين جي تربيتي پروگرامن سان گڏيل رابطا مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. علي محمدي نافچي چيو ته آءِ آر آءِ بي ۽ اي پي پي جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي ڳنڍيندي. عباس محمد نزاد چيو ته ايراني عوام اعليٰ معيار جي خبرن جي ڪوريج، تصويرن ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن جي سڌوسنئون نشريات ۾ دلچسپي وٺي ٿي. بعد ۾ وفد اي پي پي جي مختلف سيڪشنز بشمول اسٽوڊيوز ۽ ڊيٽا سينٽر جو دورو ڪيو.











