وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد - 05 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) جي هڪ وفد ايوان صدر ۾ اي ايف سي جي صدر، فيفا جي سينيئر نائب صدر ۽ بحرين جي شاهي خاندان جي سينيئر ميمبر شيخ سلمان ابراهيم حامد الخليفه جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ اي ايف سي جو …

اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) جي هڪ وفد ايوان صدر ۾ اي ايف سي جي صدر، فيفا جي سينيئر نائب صدر ۽ بحرين جي شاهي خاندان جي سينيئر ميمبر شيخ سلمان ابراهيم حامد الخليفه جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ اي ايف سي جو جنرل سيڪريٽري داتوڪ سري ونڊ سرپال جان ۽ پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو صدر سيد محسن گيلاني شامل هئا. وقتي صدر فٽبال گورننس کي مضبوط بڻائڻ ۽ اي ايف سي ۽ فيفا جي معيارن موجب پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي موثر ڪم کي يقيني بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وقتي صدر نوجوانن جي مصروفيت کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته نوجوان پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت تي ٻڌل آهن ان لاءِ راندين جي سرگرمين جي منصوبابندي ۽ فروغ تمام ضروري آهي. هن چيو ته فٽبال جي بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ يوٿ اڪيڊميون قائم ڪرڻ اهڙا شعبا آهن جتي اي ايف سي پاران تعاون اهميت رکندڙ هوندو. هن پاڪستان ۾ فٽبال جي بحالي جي لاءِ اي ايف سي جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ڊوميسٽڪ مقابلن جي بحالي ۽ پاڪستاني رانديگرن جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي سطح تي مقابلي جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سيد يوسف رضا گيلاني شيخ سلمان ابراهيم حامد الخليفه ۽ اي ايف سي جي وفد جا ٿورا مڃيندي فٽبال کي فروغ ڏيڻ ۽ راندين جي ذريعي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي ايف سي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں