اسلام آباد - 05 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) ۽ پريس ڪلب جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جي سيڪيرٽري نيئر علي، آر آءِ يو جي جو سيڪريٽري آصف بشير چوڌري، …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پي ايف يو جي، آر آءِ يو جي ۽ پريس ڪلب جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) ۽ پريس ڪلب جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جي سيڪيرٽري نيئر علي، آر آءِ يو جي جو سيڪريٽري آصف بشير چوڌري، صحافي اڳواڻ مظهر عباس ۽ شهزاده ذوالفقار شامل هئا. ملاقات ۾ جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن قائم ڪرڻ، صحافين جي غيرقانوني برطرفين سميت ٻين مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن قائم ڪرڻ جو عمل آخري مرحلن ۾ آهي، صحافين جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ميڊيا هائوسز مان صحافين جي غيرقانوني برطرفين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيا مالڪن آڏو ان ايجنڊا کي باقاعده طور تي اٿاريو ويندو. هن چيو ته حڪومت ميڊيا هائوسز کي تاريخي رهتون ادا ڪيون آهن، ان جي باوجود ملازمن جون برطرفي ڳڻتي جوڳيون آهن. هن چيو ته صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ وسيع ڪيو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي معاشي تحفظ جي لاءِ عملي قدم جاري رکندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته نيشنل پريس ڪلب تي حملي جي حوالي سان چارٽر آف ڊيمانڊ تي عملدرآمد ڪرائينداسين. هن چيو ته صحافي برادري جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وفد مسئلن جي حل جي خاطري تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اطلاعات واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري اشفاق خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هئا.











