ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سڌارن جي ايجنڊا، مالي نظم ۽ ضبط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مقصد ملڪ جي معاشي رخ کي نئين سري سان مقرر ڪرڻ آهي، نوجوانن کي ڊجيٽل ۽ فني مهارتن سان ليس ڪرڻ ضروري آهي، آبادي ۾ تيز رفتار واڌ ۽ ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ ٻه وڏا وجودي چئلينجز آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم ضروري …
سڌارن جي ايجنڊا، مالي نظم ۽ ضبط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مقصد ملڪ جي معاشي رخ کي نئين سري سان مقرر ڪرڻ آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سڌارن جي ايجنڊا، مالي نظم ۽ ضبط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مقصد ملڪ جي معاشي رخ کي نئين سري سان مقرر ڪرڻ آهي، نوجوانن کي ڊجيٽل ۽ فني مهارتن سان ليس ڪرڻ ضروري آهي، آبادي ۾ تيز رفتار واڌ ۽ ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ ٻه وڏا وجودي چئلينجز آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙو اظهار هن فيوچر سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران هن واشنگٽن ۽ رياض ۾ ملاقاتون ڪيون آهن، عالمي معاشي بحالي جو عمل جاري آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪجهه معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچيوار سڌارن تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ نجي شعبو قائداڻي ڪردار لاءِ اڳتي اچي رهيو آهي، مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جدت جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي پيداواريت تي ٻڌل اقتصادي ترقي ۽ اوسر تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سياسي ۽ جاگرافيائي عمل ۽ ڇڪتاڻ، پروٽيڪشن ازم، عالمي آرڊر ۾ تبديلي ۽ سپلائي چين جي رڪاوٽن سبب بي يقيني واري ڪيفيت ٿيندي آهي، پاڪستان سميت اڀرندڙ معيشتن کي ان ڏس ۾ محتاط طرز عمل جو مظاهرو ڪرڻُ پوندو ته جيئن معاشي جهٽڪن جو مقابلو ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي معيشت مستحڪم آهي، اهم ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تحت اسٽاف ليول معاهدي سان ملڪي معيشت، پاليسين ۽ رخ تي پرڏيهي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، معاشي استحڪام کي پائيدار اقتصادي اوسر لاءِ استعمال ڪرڻ ضروري آهي، ان مقصد لاءِ ملڪي سطح تي عالمي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ اهميت وارو هوندو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪارپوريٽ شعبي جي منافعي ۾ ڪلينڊر سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت جي استحڪام، سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي ۽ پائيدار ترقي جي راهه مقرر ڪرڻ لاءِ رد عمل تي ٻڌل پاليسي سازي بدران سڌارن تي ٻڌل دور انديش حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت سڌارن جي ايجنڊا، مالي نظم ۽ ضبط ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پرعزم آهي ان جو مقصد ملڪ جي معاشي رخ کي نئين سري سان مقرر ڪرڻ آهي. ناڻي واري وزير ان عالمي اتفاق راءِ طرف اشارو ڪيو ته حڪومتن جو ڪردار محدود ڪري پيداواريت تي ٻڌل، نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته معاشي استحڪام پاڻ ڪا منزل ناهي پر پائيدار سيڙپڪاري ۽ ڊگهي مدي واري ترقي لاءِ بنياد آهي. او آءِ سي سي آءِ جي تازه ترين سروي موجب 73 سيڪڙو سي اي اوز پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ موزون قرار ڏئي رهيا آهن، اهي انگ اکر سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد ۽ ملڪي رخ جي بهتري جي علامت آهن. سينيٽر اورنگزيب چيو ته ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ جاگرافيائي سياسي عمل پاڪستان کي اهو موقعو ڏئي رهيا آهن ته هو ٻطرفي تعاون کي واپار ۽ نجي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪري. هن معدنيات، آءِ ٽي، زراعت، دواسازي ۽ بليو اڪانومي جهڙن ترجيحي شعبن ۾ نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٽيڪنالاجي ۽ علم تي ٻڌل معيشت جي حوالي سان ناڻي واري وزير گوگل جي پاڪستان ۾ آفيس کولڻ ۽ ملڪ کي علائقائي ٽيڪنيڪل ۽ ايڪسپورٽ حب بڻائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي. هن زور ڀريو ته نوجوانن کي ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل مهارتن سان ليس ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن اهي ڪوڊنگ، بلاڪ چين ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ وڌيڪ قدرن وارن موقعن مان فائدو کڻي سگهن. ڍانچاجاتي سڌارن تي ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان هاڻي ڊزائين فيز کان اڳتي وڌي عملدرآمد جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ، نجڪاري، سرڪاري مالي نظم، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، پينشن سڌارن ۽ قرضن جي انتظام جهڙن شعبن ۾ اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته ٽيڪس وصولين ۾ شفافيت لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل مانيٽرنگ ۽ انوائسنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ لک نون ٽيڪس ڏيندڙن ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي سڌارن جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ناڻي واري وزير نجڪاري جي عمل جي تسلسل تي به زور ڀريو ۽ چيو ته هڪ وڏي اماراتي ڪمپني تازو ئي هڪ مقامي بئنڪ حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته پي آءِ اي ۽ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڏي وٺ تي به ڪم جاري آهي. هن وفاقي وزارتن ۽ ادارن جي ڍانچي کي مختصر ڪرڻ، نقصان ۾ هلندڙ ادارن جهڙوڪ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۽ پاسڪو کي بند ڪرڻ ۽ نون سرڪاري ملازمن لاءِ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشنا اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي قدمن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي ڍانچاجاتي سڌارن جي تسلسل تي قائم رهڻ گهرجي، آبادي ۾ تيزي سان اضافو ۽ ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ ٻه وڏن وجودي چئلينج آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم ضروري آهن. هن آبادي ۾ اضافي، ٻارن جي واڌ ويجهه جي کوٽ (اسٽنٽنگ) ۽ تعليمي کوٽ (لرننگ پاورٽي) جهڙن مسئلن جي حل لاءِ قومي سطح تي هنگامي احساس جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت دستياب 2 ارب ڊالر جي ماحولياتي فنانسنگ مان ڀرپور فائدو کڻندو. وفاقي وزير معاشي سڌارن جي تسلسل، مضبوط ۽ اقتصادي لچڪ ۽ پائيدار انساني ترقي تي ٻڌل سڌارن واري ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











