وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي دعوت تي فيفا جو سينئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم خليفه پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي خصوصي دعوت تي فيفا جو سينئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم خليفه پاڪستان پهچي ويو آهي، پي ايم واءِ پي جي فوڪل پرسن سيده آمنه بتول سندس آجيان ڪئي. گذريل ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب دوري دوران فيفا جي سينئر نائب صدر  جي نوجوانن لاءِ راندين جي موقعن تي غور لاءِ ملاقاتون …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي خصوصي دعوت تي فيفا جو سينئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم خليفه پاڪستان پهچي ويو آهي، پي ايم واءِ پي جي فوڪل پرسن سيده آمنه بتول سندس آجيان ڪئي. گذريل ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب دوري دوران فيفا جي سينئر نائب صدر  جي نوجوانن لاءِ راندين جي موقعن تي غور لاءِ ملاقاتون متوقع آهن. راڻا مشهود احمد خان ان موقعي تي چيو ته شيخ سلمان بن ابراهيم خليفه کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، اميد آهي ته پاڪستان ۾ اسپورٽس ڊولپمينٽ جي پراجيڪٽس ۾ تعاون بابت اڳڀرائي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان جي نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ بهترين موقعا فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.

مزید خبریں