بابا گرو نانڪ ديو جي تعليم عالمگير امن، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏي ٿي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته بابا گرو نانڪ ديو جي تعليم عالمگير امن، رواداري، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏي ٿي، سندس پيغام سمورن مذهبن، نسلن ۽ معاشرن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. بابا گرو نانڪ ديو جي 556 هين يوم ولادت جي موقعي تي پاڪستان سميت …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته بابا گرو نانڪ ديو جي تعليم عالمگير امن، رواداري، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏي ٿي، سندس پيغام سمورن مذهبن، نسلن ۽ معاشرن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. بابا گرو نانڪ ديو جي 556 هين يوم ولادت جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري کي مبارڪن جي پيغام ۾ هن چيو ته اها ڳالهه اسان جي لاءِ فخر جوڳي آهي ته پاڪستان بابا گرو نانڪ ديو جي پيدائش واري هنڌ ننڪانه صاحب سميت ان سان جڙيل سمورن مقدس گوردوارن جي حفاظت ۽ سارسنڀال کي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين اقليتن جي مذهبي، سماجي ۽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان حوالي سان ملڪ ۾ گڏيل هم آهنگي ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ کي جمهوري قدرن جو بنيادي ٿنڀ تصور ڪري ٿي. هن چيو ته ان موقعي تي اسان کي بابا گرو نانڪ جي انسانيت واري پيغام، صبر ۽ انصاف مان رهنمائي حاصل ڪندي هڪ اهڙي دنيا جي تعمير جو وچڻ ڪرڻ گهرجي جيڪو امن، احترام ۽ گڏيل محبت جو گهوارو هجي.

مزید خبریں