اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته ملائيشيا ڏانهن گوشت جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي لاءِ جامع ڪاروباري ماڊل کي حتمي شڪل ڏئي وزيراعظم کي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.اجلاس ۾ ڪميٽي تحت قائم 4 ورڪنگ گروپن پنهنجون رپورٽون پيش ڪيون. اجلاس ۾ واپار، صنعت ۽ پيداوار ۽ …
ملائيشيا ڏانهن گوشت جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي لاءِ جامع ڪاروباري ماڊل کي جلد حتمي شڪل ڏئي ڇڏينداسين: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته ملائيشيا ڏانهن گوشت جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي لاءِ جامع ڪاروباري ماڊل کي حتمي شڪل ڏئي وزيراعظم کي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.اجلاس ۾ ڪميٽي تحت قائم 4 ورڪنگ گروپن پنهنجون رپورٽون پيش ڪيون. اجلاس ۾ واپار، صنعت ۽ پيداوار ۽ خوراڪ جي وزارتن جي سينئر اختيارين کان علاوه سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي نمائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته پاڪستان ۾ مضبوط لائيو اسٽاڪ جو بنياد موجود آهي ۽ سڄي دنيا ۾ حلال گوشت جي اعتبار کان ان جي شهرت مسلم آهي. هن چيو ته معيار، تسلسل ۽ چٽاڀيٽي کي بهتر بڻائيندي.گوشت جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ممڪن آهي. ڪميٽي جي رپورٽ موجب ان شعبي ۾ پاڪستان کي هاڻي به ڪيتريون ئي چئلينجز درپيش آهن جن ۾ ننڍن جانورن جي گهٽتائي، فيڊ لاٽ فنشنگ(اثرائتي خوراڪ پرورش) جو غير ترقي يافته نظام ۽ ڪمزور ڪولڊ چين انفرااسٽرڪچر شامل آهن. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته جانورن جي پيداواري صلاحيت وڌائي وڃي. جديد ذبح ۽ پروسيسنگ ٽيڪنالاجي اختيار ڪئي وڃي، مضبوط حلال سرٽيفڪيشن نظام يقيني بڻايو وڃي ۽ لاجسٽڪس جي ڍانچي کي عالمي معيار موجب مضبوط ڪيو وڃي. هارون اختر خان چيو ته جانور پالڻ ٻهراڙي جي آمدني جو هڪ اهم ذريعو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ گهراڻا ان شعبي سان واڳيل آهن، ٻهراڙي جا خاندان پنهنجي آمدني جو اٽڪل 35 کان 40 سيڪڙو حصو جانورن مان حاصل ڪندا آهن. هارون اختر خان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ في الحال فروزن ۽ (هڏي کان ڌار گوشت) جي پروسيسنگ جي صلاحيت محدود آهي. ان مقصد لاءِ پروسيسنگ، ڪولڊ چين ۽ ايڪسپورٽ ريڊي سسٽمز کي اپ گريڊ ڪرڻ ضروري آهي. هن مينهن جي گوشت جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي لاءِ ترغيبي قدم کڻڻ جي اهميت تي به زور ڀريو.











