وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي مريم اورنگزيب سان ملاقات

لاهور -05 نومبر (اي پي پي)ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پنجاب جي اطلاعات ۽ ثقافت واري سينئر وزير مريم اورنگزيب  سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ريلوي ۽ پنجاب حڪومت جي شراڪت سان جاري ۽ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ريلوي جي مختلف انفراسٽرڪچر منصوبن خاص ڪري 8 برانچ لائنز جي اپ گريڊيشن بابت جائزو ورتو. ان موقعي تي غير محفوظ ۽ غير نگراني …

لاهور -05 نومبر (اي پي پي)ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پنجاب جي اطلاعات ۽ ثقافت واري سينئر وزير مريم اورنگزيب  سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ريلوي ۽ پنجاب حڪومت جي شراڪت سان جاري ۽ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ريلوي جي مختلف انفراسٽرڪچر منصوبن خاص ڪري 8 برانچ لائنز جي اپ گريڊيشن بابت جائزو ورتو. ان موقعي تي غير محفوظ ۽ غير نگراني ٿيل ليول ڪراسنگز کي محفوظ بڻائڻ ۽ انهن جي جديد رخن تي اپ گريڊيشن بابت اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پنجاب ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ جي شراڪتداي سان لاهور، راولپنڊي ۽ ٽيڪسلا ريلوي اسٽيشنن  جي سجاوٽ ۽ منصوبي تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون.  مريم اورنگزيب ٻڌايو ته ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ طرفان انهن اسٽيشنن جو ماڊل تيار ڪيو ويو آهي ۽ جلد عملي ڪم جي شروعات جي اميد آهي. اجلاس ۾ گرين ڪوريڊور منصوبي تي به اڳڀرائي جائزو ورتو ويو. جيڪو شاهدره کان ڪوٽ لکپت ريلوي ٽريڪ سان هڪ جديد ۽ ماحول دوست منصوبو آهي، ان حوالي سان  ٻيلي کاتي جي سهڪار سان ريلوي لائين سان گڏ وڻن جي قطارن جي وڻڪاري واري منصوبي تي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي وزيرن لاهور کان راولپنڊي فاسٽ ٽرين منصوبي جي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن عوام کي تيز، محفوظ ۽ جديد سفري سهولت فراهم ڪري سگهجن. ملاقات جي پڄاڻي تي مريم اورنگزيب ۽ محمد حنيف عباسي ريلوي جي سمورن ترقياتي منصوبن کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ويجهي سهڪار سان اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته ريلوي جو جديد، ماحول دوست ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ وارو نظام پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ عوامي سهولت جي لاءِ اڻٽر آهي.

مزید خبریں