سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار روپين جي لاٿ رڪارڊ

اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 19 هزار 362 روپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ هڪ هزار روپين جي گهٽتائي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 19 هزار 362 روپيا ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي …

اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 19 هزار 362 روپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ هڪ هزار روپين جي گهٽتائي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 19 هزار 362 روپيا ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت  به 857 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ 360392 روپين مان گهٽجي 359535 روپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط  سون جي قيمت 330263 روپين مان گهٽجي 329585 روپيا ٿي وئي آهي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن جي رپورٽ مطابق في تولو ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت ترتيبوار 5022 روپيا ۽ 4305 روپين تي مستحڪم رهي، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 3980 ڊالرن مان گهٽجي 3970 ڊالر ٿي وئي آهي.

مزید خبریں