اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه علائقائي ڊجيٽل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ آءِ سي ٽي جي پائيدار ترقي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسپيڪٽرم، هم آهنگي، ڊيٽا گورننس ۽ سائبر سيڪيورٽي تعاون جا اهم نڪتا آهن، پاڪستان ڪنيڪٽڊ، محفوظ ۽ پائيدار ڊجيٽل ڏکڻ ايشيا پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن ڏکڻ ايشيا ٽيلي ڪميونيڪيشن …
انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاران علائقائي ڊجيٽل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ آءِ سي ٽي جي پائيدار ترقي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه علائقائي ڊجيٽل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ آءِ سي ٽي جي پائيدار ترقي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسپيڪٽرم، هم آهنگي، ڊيٽا گورننس ۽ سائبر سيڪيورٽي تعاون جا اهم نڪتا آهن، پاڪستان ڪنيڪٽڊ، محفوظ ۽ پائيدار ڊجيٽل ڏکڻ ايشيا پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن ڏکڻ ايشيا ٽيلي ڪميونيڪيشن ريگوليٽرز ڪائونسل (سيٽرڪ) جي 26 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن اجلاس ۾ شريڪ پرڏيهي نمائندن کي خوش آمديد چئون ٿا، هن ڪانفرنس سان خطي ۾ ڪنيڪٽويٽي ۽ ڊجيٽل رسائي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته عالمي سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڏکڻ ايشيا ڊجيٽل ترقي جي اهم موڙ تي بيٺل آهي. هن چيو ته ڊجيٽل نيشن پاڪستان وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي، ڊجيٽل پاڪستان جو بنيادي ٿنڀ مضبوط ۽ جامع ڪنيڪٽويٽي کي هٿي وٺرائڻ آهي. ڊجيٽل تعاون ۽ سرحد پار ڪنيڪٽويٽي علائقائي ترقي اڻٽر آهن. وفاقي وزير چيو ته سماجي شعبا، نظم ۽ ضبط ۽ معاشي ترقي، مينوفيڪچرنگ ۽ زراعت سميت سمورن شعبن جي ترقي مستحڪم، ڀروسي جوڳي ڪنيڪٽويٽي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 200 ملين موبائيل ۽ 150 ملين برانڊ بينڊ صارفين آهن، ٽيلي ڪام سيڪٽر قومي خزاني ۾ 1.5 ٽريلين روپين کان وڌيڪ جو حصو وڌو آهي. هن چيو ته اي گورننس تحت 98 سيڪڙو وفاقي وزارتون، اي – آفيس تي منتقل ٿي چڪو آهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان علائقائي ڊجيٽل تعاون ۽ گڏيل ترقي لاءِ هر سطح تي تعاون لاءِ تيار آهي. اسپيڪٽرم، هم آهنگي، ڊيٽا گورننس ۽ سائبر سيڪيورٽي تعاون جا اهم نڪتا آهن. هن چيو ته ڪنيڪٽ پاڪستان 2030 تحت هر ماڻهو کي تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي اسان جو هدف آهي، اسان کي خطي ۽ خطي کان ٻاهر فرق کي ختم ڪرڻو پوندو، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڪنيڪٽويٽي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي استعمال ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان ڪنيڪٽڊ، محفوظ ۽ پائيدار ڊجيٽل ڏکڻ ايشيا لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان هر شخص جي مسلسل ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ ڪنيڪٽويٽي تائين پهچ لاءِ ڪوشان آهي، هر شخص کي ڊوائيس تائين پهچ لاءِ سمارٽ فون پاليسي جوڙي رهيا آهيون. هن چيو ته تازو ئي گوگل ڪروم بڪ قدمن جو گوگل سان حصيدار ڪيو ويو آهي، رائيٽ آف وي چارجز ختم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جو آڪشن جلد ٿيندو، نادرا جي تعاون سان ڊيٽا ايڪسچينج ليئر تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ان قدم سان شهرين کي ذاتي دستاويزن تائين پهچ ۾ آساني ٿيندي، اسان جو بنيادي مقصد پنهنجي شهرين جي زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ، نظم ۽ ضبط ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن چيو ته اسان ڪيش ليس اڪانومي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، راست ذريعي ڊجيٽل ادائيگيون ڪيون پيون وڃن.











