پاڪستان ريلوي کي جلد دنيا جي بهترين ريلوي بڻائينداسين: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

فيصل آباد-05 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي کي تيز رفتاري سان جديد سهولتن سان ليس ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ريلوي کي جلد دنيا جي بهترين ريلوي بڻائينداسين، ريلوي ۾ 8 مهينن جي عرصي ۾ رڪارڊ ڪم ٿيو آهي، ريل جي مسافرن ۽ شهرين کي لاهور، راولپنڊي سميت چئن اسٽيشنز تي وائي فائي جي سهولت ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته ان …

فيصل آباد-05 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي کي تيز رفتاري سان جديد سهولتن سان ليس ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ريلوي کي جلد دنيا جي بهترين ريلوي بڻائينداسين، ريلوي ۾ 8 مهينن جي عرصي ۾ رڪارڊ ڪم ٿيو آهي، ريل جي مسافرن ۽ شهرين کي لاهور، راولپنڊي سميت چئن اسٽيشنز تي وائي فائي جي سهولت ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته ان جو دائرو جلد وڌيڪ وسيع به ڪيو ويندو. وفاقي وزير ريلوي اسٽيشن فيصل آباد جي اپ گريڊيشن جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ڪالهه لاهور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ هئي جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي موجود هئي. هن چيو ته وزيراعظم جي چوڻ تي ريلوي ۾ جدت تي جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو سڀ ڏسي رهيو آهي، فيصل آباد اسٽيشن جو رنگ روغن  انگريزن جي ٺاهيل اسٽيشن موجب ٿيو آهي جنهن لاءِ سي اي او ريلوي، ڊي ايس جي محنت کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته صنعتڪار ميان محمد ادريس اسٽيشن جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪيو الله کيس ان جو اجر ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي ۾ 8 مهينن جي عرصي ۾ رڪارڊ ڪم ٿيو آهي، اڄ فيصل آباد سڀاڻي فيصل آباد جو افتتاح آهي. هن چيو ته شاليمار ريل جديد سهولتن سان آراسته ۽ بهترين صفائي سٿرائي سان مڪمل ڊجيٽلائيز ريل آهي، نارووال جا چار سيڪشنز به جنوري تائين مڪمل ٿيندا، ٻوڏ دوران شورڪوٽ سيڪشن ٽوڙيو ويو جنهن کي بحال ڪيو ويو آهي، هتي 5، 6 سئو مسافر انتظار ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته ڪراچي – روهڙي جو 5 سئو ڪلوميٽر جو سيڪشن آهي ان تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هي 1891ع جو ٺهيل ٽريڪ آهي، وزيراعظم ان کي اپ گريڊيشن لاءِ چونڊيو، ان لاءِ 2 بلين جا فنڊ رکيا ويا جنهن جو ايندڙ سال جون ۾ پيڙهه جو پٿر رکڻ جو امڪان آهي، چاغي جي 884 ڪلوميٽر ٽريڪ مان 400 جو نئون ۽ 484 جو اپ لفٽ ٽريڪ ڪيو ويندو، اهڙي طرح لاهور کان راولپنڊي کي سنگل کان ڊبل ٽريڪ بڻايو پيو وڃي جتي 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ ريل سان ئي سفر مختصر ٿيندو.  ريلوي واري وزير چيو ته ريلوي جي 14 اسڪولن مان 3 اسڪول آئوٽ سورس ڪيا ويا آهن 3 ٿيڻ وڃي رهيا آهن، هڪ ڪراچي جو اسڪول آهي، 2 لاهور جا ۽ وڌيڪ ٽي اسڪول آئوٽ سورس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جتي معياري تعليم ملندي.  هن چيو ته ريلوي اسپتالن ۾ ان ڊور سئو سيڪڙو علاج مفت هوندو. حنيف عباسي جو چوڻ هو ته 3 سئو مسافرن کي کڻي ويندڙ جهاز جو پائليٽ فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهي ۽ اسان جي عملي لاءِ ڪا به سهولت نه هجي اهو نٿو ٿي سگهي، اسان 6 مهين ۾ 10 هنڌن تي ڊرائيورن ۽ عملي لاءِ بهترين ماحول ڏينداسين. ڪارگو وين، لگج وين آئوٽ سورس جي حوالي سان انهي سال 10 بلين جو فنانشل امپيڪٽ ايندو. ڀارت جي حوالي سان هن چيو ته شڪست جا زخم چٽيندڙ دشمن آرام سان نه ويهندو، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ فيلڊ مارشل جي ڌاڪ بيٺل آهي. چائنا، آمريڪا، روس به گڏ بيٺل آهي، سينٽرل ايشيا جي اوهان نمائندگي ڪري رهيا آهيو، دشمن بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ پراڪسي وار شروع ڪري رکيو آهي. پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ سڄو پاڪستان نظر آيو، جيڪو پاڪستان کي نٿو مڃي آئون ان کي نٿو مڃان، پاڪستان قوم گڏجي هميشه دشمن کي شڪست ڏني آهي اڳتي به ڏينداسين، جيڪو پاڪستان خلاف ڳالهائيندو ان جي زبان ڇڪي وٺنداسين. حنيف عباسي چيو ته هندستان کي پاڪستان پهرين کان ڀرپور جواب ڏيندو، افغانين بي وفائي ڪئي، افغانين 1965ع ۾ ڀارت سان گڏجي پاڪستان تي حملو ڪيو هو، هنن 40 سالن جي ڀائيچاري ۽ خدمت جو سٺو  صلو ڏنو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير  پنجاب، بلوچستان طرف ڏسي وٺي، اوهان جي صوبي ۾ جان ۽ مال محفوظ ناهن، دهشتگرد جو ڪو به دين ۽ ساٿي ناهي، جتي مفاد هوندو اتي ويندو. هن وقت 24 جي لڳ ڀڳ گروه افغانستان تي قابض آهن، ڪير ڪنهن جي ٻڌندو. حنيف عباسي چيو ته ريلوي ملازمن جي ڀلائي ۽ ترقي سندس اولين ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ملازمن جا مسئلا حل ٿيندا ۽ کين سهولتون ملنديون ته هو وڌيڪ بهتر انداز ۾ پرفارمز ڪندا. هن چيو ته سمورين بوگين ۽ اسٽيشنز جي حالت بهتري بڻائي پئي وڃي، نوان ٽريڪس وڇائڻ سان گڏوگڏ پراڻي ٽريڪس کي بهتر بڻائي رهيا آهيون، بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملازمن کي ساراهيو ويندو. هن فوجي جوانن کي شاندار انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي گهرن ۾ پرسڪون طريقي سان زندگي گذاري رهيا آهيون ته ان جو سهرو اسان جي انهن شهيدن ڏانهن وڃي ٿو جيڪي دهشتگردن سان وڙهندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي جن جا جلد مثبت اثر نڪرندا.

مزید خبریں